بالي ووڊ جي سنڌياڻي هنسيڪا موٽواڻي به شادي ڪري ڇڏي

ممبئي (م ڊ) ماضي جي مشهور اداڪارا ”ديس ۾ نڪلا هوگا چاند“ جي چائلڊ اسٽار هنسيڪا موٽواڻي پنهنجي دوست ۽ بزنس پارٽنر سهيل ڪٿور سان گڏ گذريل ڏينهن شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا. اداڪارا جي شادي جون رسمون راجسٿان جي شهر جي پور جي منڊوٽا فورٽ پيلس ۾ منعقد ڪئي وئي. ان کان اڳ شاديءَ جون رسمون ۽ سنگيت جا مختلف فنڪشنز شروع ٿي چڪا هئا. سوشل ميڊيا جي مختلف پليٽفارم تي انهن تقريبن سان هنسيڪا ۽ سهيل جون تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي خوب وائرل ٿيون. شادي جي وائرل تصويرون ۾ هنسيڪا موٽواڻي خوبصورت ڳاڙهي جوڙي ۾ ڪنوار جي روپ ۾ ڏسي سگهجي ٿي، جڏهن ته سهيل آئيوري رنگ جي شيرواني پهري. وائرل ٿيڻ وارين تصويرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته سهيل هنسيڪا کي مٿي تي چمي رهيو آهي، جڏهن ته ٻي تصوير ۾ سندن شاديءَ جون رسمون ڏسي سگهجن ٿيون. واضح رهي گذريل مهيني سهيل ڪٿوريا اداڪارا هنسيڪا موٽواڻي کي مشهور پيرس جي آئفل ٽاور تي پرپوز ڪيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں