خيرپور ضلعي جي خزانا آفيس ۾ فوتي ملازمن جي آءِ ڊيز ۾ ھيرڦير ڪري لکين روپيا ھڙپ ڪرڻ جو انڪشاف

خيرپور(رپورٽ:طلحـه ابڙو) خيرپور ضلعي جي خزانا آفيس ڪرپشن جو ڳڙھ بڻجي وئي آهي جتي ڪو به عملدار بغير رشوت جي ڪم ڪرڻ لاء تيار نه آهي . جڏهن ته رشوت نه ڏيندڙ ماڻهن کي ڪاغذن ۽ صحيحين لاء بيگناھ  مھينن تائين رولايو وڃي ٿو . ان سلسلي ۾ خيرپور جي سياسي سماجي اڳواڻن ايڊوڪيٽ شير خان لاشاري، نبي بخش ڪٽوھر، اڪبر ابڙو ۽ ٻين صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته خزانا آفيس خيرپور آفيسرن لاءِ ڪمائي جو ذريعو بڻيل آهي . جتي ھر جائز توڙي ناجائز ڪمن لاء ريٽ لسٽ مقرر ٿيل آهي . ھنن وڌيڪ چيو ته خزانا آفيس جو ڊي او ظھير ميمڻ ٻنھي ھٿن سان ڦرلٽ مچائي ويٺل آهي . جڏهن ته آفيس سپرنٽينڊنٽ سڪندر مھر ۽ ڊي پي او طارق سولنگي اڇي ڪاري جا مالڪ بڻيل آهن . حيرت جھڙي ڳالهه آهي  ته ڪمپيوٽر آپريٽر طارق سولنگي کي سياسي آشيرواڌ ھجڻ سبب گورنمنٽ چيڪ ڪڍڻ تي مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته چيڪ ڪڍڻ جو ڪم آڊيٽر ڪندو آهي پر سياسي سفارش سبب طارق سولنگي کي سڻڀي پوسٽ ڏني وئي آهي . ياد رھي ته خزانا آفيس جي ڊي پي او طارق سولنگي پاران ھر چيڪ تي 5 سيڪڙو ڪميشن مقرر ڪئي وئي آهي . ڪميشن نه ڏيندڙ ماڻهن کي چيڪن لاء مھينن تائين رولايو وينديو آهي . خزانا آفيس خيرپور ۾  پري پري کان ايندڙ اٻوجھ  ۽ مسڪين ماڻهن کي جائزي ڪمن لاء به مھينن تائين رولايو وڃي ٿو . غريب مسڪين ۽ اٻوجھ  ماڻهون پنهنجي مسئلن جي حل لاء دربدر ڀٽڪي رھيا آهن . ان سلسلي ۾ ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته خزانا آفيس خيرپور جي ڊي او ظھير ميمڻ پاران پينشن برانچ  جي عملدارن سان ڳٺ جوڙ ڪري لاوارث آءِ ڊيون پنهنجي ماڻهن جي نالي تي ڪرائي ھر مھيني لکين روپيا ھڙپ ڪيا وڃن ٿا . جڏهن ته ڊي او ظھير ميمڻ ۽ پينشن برانچ انچارج پاران ڪيترا ئي ڊسبيسمنٽ فنڊ ھڙپ ڪرڻ جا پڻ انڪشاف ٿيا آهن . جڏھ ته ذريعن وٽان اھو به  معلوم ٿيو آهي ته خزانا آفيس خيرپور جا عملدار ائنٽي ڪرپشن عملدارن کي پڻ حصو پتي ڏيندا آهن . ھنن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، ڊي جي نيب، ڊائريڪٽر ائنٽي ڪرپشن ۽ ٻين وس وارن ادارن کان مطالبو ڪيو ته خيرپور جي خزانا آفيس ۾ آءِ ڊيز جي ھيرڦير خلاف انڪوائري ڪرائي ڪجهه عرصي اندر ڪک پتي مان ڪروڙ پتي بڻجي ويل ڊي او ظھير ميمڻ ۽ ڊي پي اي طارق سولنگي جي اڪائونٽن ۽ ٻين پراپرٽين جا جاچ ڪئي وڃي .

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں