خيرپور ناٿن شاهه ۾ برسات متاثر ڳوٺاڻن جو واهر نه ٿيڻ تي ڊي سي ۽ مختيارڪار خلاف احتجاجي مظاهرو

خيرپورناٿن شاھ (رپورٽ: محمد فراز سوڍر ) خيرپورناٿن شاھ ۾ يونين ڪائونسل گاڏھي جي ڳوٺ چپر خان گاڏھي جي رهواسين پاران واھر نه ٿيڻ تي ڊي سي دادو۽ مختيارڪار ڪي اين شاھ جي خلاف ھٿن ۾ بينر کڻي سچل پريس ڪلب اڳيان سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ۽ مختيارڪار خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي مظاھري جي اڳواڻي ڪندڙن امتياز علي گاڏھي، جعفري، شيراز، لطيف ردائي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٻوڏ جو پاڻيءَ ھن وقت به اسان جي ڳوٺ مان نڪري ناھي سگھيو، اسان جا گھر ڊھي پٽ ٿي ويا آهن ۽ اسين ھن وقت به پنھنجن ٻچن سميت بندن تي کلي آسمان هيٺ ويٺل آھيون، حڪومت طرفان ڪابه واھر نه ٿي سگهي آهي، ڊي سي دادو، مختيارڪار ڪي اين شاھ ، ۽ چونڊيل نمائندا ۽ ڪنھن به اين جي اوز پاران اسان جي ڪابه سار سنڀال نه لڌي وئي آهي، آيل راشن، ٽينٽ پنھنجن من پسند ماڻهن کي ڏنا وڃن ٿا، جنھن جي ڪري اسين پنھنجن ٻچن سميت بک بدحالي جو شڪار ٿي ويا آهيون. ھنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اسان کي راشن، ٽينٽ ۽ ڊھي ويلن گھرن جي ٻيھر تعمير ڪرڻ لاء معاوضو ڏنو وڃي، نه ته ٻي صورت ۾احتجاجي دائرو وڌايو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں