دادو(رپورٽ: علي گوھر سومرو)پ پ پ شھيد ڀٽو ضلع دادو پاران الڳ الڳ احتجاجي مظاھرا، ڌرڻا زرداري خلاف سخت نعري بازي، پيپلز پارٽي شھيد ڀٽو ضلع دادو جي صدر محمد ھاشم کوسو جي اڳواڻي ۾ شھيد ڀٽو ھائوس کان دادو پريس ڪلب تائين ڪارڪنن عھديدارن ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي ريلي ڪڍي جتي اڳواڻن صوبائي رابطا سيڪريٽري ذوالفقار کوکر، نثار لغاري، پير بخش پنھور، شھباز جمالي، ممتاز کوسو، ٽائيگر شبير سولنگي، آءِ بي کوسو ۽ ٻين چيو ته 5 ڊسمبر 2009 تي تاريخ ۾ وڏو ظلم برپا ڪيو ويو، شھيدن جي قتل ڪيس جي فتوى جي ڏينھن سنڌ جي اٻوجھ ماڻھن لاءِ قومي ڏينھن جي حوالي سان ھڪ ظلم ۾ شامل ڪيو ۽ شھيد مير مرتضىٰ ڀٽو ۽ سندس ساٿين جي قاتلن آصف زرداري سميت سڀني کي باعزت بري ڪيو ويو، جنھن ۾ مک اڳواڻ زرداري جي پتلي کي باھ ڏئي ساڙيو ويو، اعلىٰ ادارن کي اپيل ٿا ڪيون ته شھيدن جي خون سان انصاف ڪيو وڃي،. ٻئي طرف پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو جي ٻئي ڌڙي پاران 5 ڊسمبر شھيد ميرمرتضىٰ ڀٽو ۽ سندس ساٿين جي قاتلن کي آزاد ڪرڻ خلاف نوراني چونڪ کان دادو پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو،ان موقعي تي زين گهلو، صمد عباسي، وحيد سولنگي، ذيشان کوکر ۽ ٻين چيو ته 5 ڊسمبر 2009 تي ٻيهر انصاف جو قتل ڪيو ويو، شهيد مير مرتضي ڀٽو ۽ سندس ساٿين کي آصف علي زرداري ۽ پوليس هٿان قتل ڪرايو آهي،زرداري ليگ سنڌ جي وسيلن کي اڏهي وانگر کائي رھيا آهن، سنڌ کي مير مرتضىٰ ڀٽو جي نظرئي جي سخت ضرورت آهي جنهن جا وارث محترمہ فاطمه ڀٽو ۽ جونيئر ذوالفقار ڀٽو آهن، 5 ڊسمبر مير مرتضىٰ ڀٽو جي عاشقن لاءِ ڪارو ڏينهن آهي، هنن چيف جسٽس پاڪستان ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور شھيد مير مرتضىٰ ڀٽو جي قتل جو ڪيس هلائي سندس قاتلن کي سزا ڏياري لکين شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن ۽ چاھيندڙن سان انصاف ڪيو وڃي.
