اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سائفر ۽ آڊيو ليڪ اسڪينڊل جي جاچ کي غيرقانوني قرار ڏئي ڪالعدم قرار ڏيڻ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو. رپورٽ موجب اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سائفر آڊيو ليڪ جي معاملي ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو آهي. عمران خان طرفان سندس وڪيل ايف آءِ اي، وفاقي حڪومت ۽ جاچ آفيسرن کي ڌر بنائيندي پنهنجي موقف ۾ چيو آهي ته عمران خان ملڪ جو اڳوڻو وزيراعظم ۽ مشهور شخصيت آهي عمران خان جي خلاف اجائي پروپگينڊا ڪئي پئي وڃي. عمران خان هڪ ايماندار، باعزت شهري ۽ ملڪ جي مشهور شخصيت آهي. عمران خان جو ملڪ جي سياست ۾ تبديلي آڻڻ ۾ اهم ڪردار آهي. عمران خان جي وڌندڙ شهرت سياسي طاقتن جي خلاف خطرو بڻجي چڪي آهي. بطور وزيراعظم عمران خان آمريڪا جي افغانستان مان نڪرڻ ۾ ڪامياب ڪردار ادا ڪيو. موقف ۾ چيو ويو آهي ته ايف آءِ اي سائفر ميسيج جي معاملي تي به جاچ شروع ڪئي آهي. ايف آءِ اي سائفر جي معاملي تي بيان قلمبند ڪرائڻ لاءِ 8 ڊسمبر تي طلب ڪيو آهي. سائفر جاچ کي اڳ ئي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري رکيو آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان کي سياسي انتقام جو نشانو بنائڻ لاءِ بي بنياد انڪوائري ۾ طلب ڪيو ويو. وزيرآباد ۾ عمران خان مٿان حملو به ان سياسي انتقام جي هڪ ڪڙي آهي. طلبي نوٽيس ۾ ڪنهن قانون جي پاسداري نه ڪئي وئي. سائفر آڊيو ليڪ اسڪينڊل جي جاچ کي غيرقانوني قرار ڏئي ڪالعدم ڪيو وڃي. درخواست جي حتمي فيصلي تائين سائفر ۽ آڊيو ليڪ اسڪينڊل جي جاچ کي روڪيو وڃي.
