سنڌ يونيورسٽي ۾ ٻن ڏينهن واري پاڪ – ٽسول ڪانفرنس شروع ٿي وئي

ڄامشورو (پ ر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ انسٽيٽيوٽ آف انگلش لينگئيج اينڊ لٽريچر پاران “انگريزي ٻوليءَ جي سکيا ۾ نواڻ ۽ مستقبل جا رجحان” جي سري هيٺ پهرين ٻن ڏينهن واري پاڪ-ٽسول سنڌ ريجنل ڪانفرنس شروع ٿي ويئي آهي، جنهن جي افتتاحي تقريب آرٽس فئڪلٽي بلڊنگ جي شيخ اياز آڊيٽوريم ۾ منعقد ٿي. تقريب جي صدارت سنڌ يونيورسٽي ٺٽو ڪئمپس جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر رفيق احمد ميمڻ ڪئي. ڪانفرنس کي صدارتي خطاب ڪندي ڊاڪٽر رفيق ميمڻ چيو ته ايڪيهين صديءَ جون مختلف گهرجون آهن، جڏهن ته انگريزي ٻوليءَ جي سکيا لاءِ به جديد مهارتن جي ضرورت آهي، پر سڀ کان اڳ استادن کي تربيت ڏيڻي پوندي. هن چيو ته پاڪ-ٽسول به هڪ اهڙو فورم آهي، جنهن جي ذريعي انگريزيءَ جي استادن کي سکيا جي جديد فن کان آگاهه ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ٽيچرن ۾ اهي مهارتون پڻ هئڻ گهرجن ته شاگرد کي پنهنجي سکيا جي جديد طريقن ذريعي ڪلاس رومن ۾ اچڻ تي مجبور ڪن. هن چيو ته جيستائين انگريزيءَ جا استاد تربيت يافته نه هوندا، تيستائين شاگرد ڪلاس روم ۾ اچڻ کان ڪيٻائيندا، پوءِ اها يونيورسٽي هجي، ڪاليج يا اسڪول هجي. هن چيو ته انگريزي ٻوليءَ جي سکيا لاءِ شاگردن تي مبني ڪلاس روم هئڻ گهرجن ۽ تعليمي ماحول به شاگردن تي ٻڌل هجي، جتي تدريس جو مرڪز استاد کان شاگردن طرف خوشگوار ماحول ۾ منتقل ٿئي. هن چيو ته وڏيون وڏيون ڊگريون هئڻ جو اهو مطلب ناهي ته ماڻهو پڙهائڻ لاءِ تيار آهي، ان لاءِ مهارتن جي ضرورت آهي، جنهن لاءِ پاڪ – ٽسول فورم ذريعي مدد ورتي پئي وڃي. هن چيو ته پاڪ-ٽسول انگريزي ٻوليءَ جي اوسر جي حوالي سان تحقيق ۾ مددگار ثابت ٿي رهيو آهي. هن چيو ته انگريزي ٻوليءَ جي درس ۽ تدريس لاءِ ڪلاس رومن ۾ شاگردن کي وڌ کان وڌ ملوث ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ شاگرد به استادن جي پڙهائڻ واري طريقي جي نشاندهي ڪن ته ڪهڙي ٽيڪنڪ سندن سکيا لاءِ ڪامياب ماڊل آهي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر ۽ آرٽ اينڊ ڊيزائين لاهور اسڪول آف اڪنامڪس جي فئڪلٽي آف سوشل سائنسز جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر شاهد صديقي چيو ته پاڪستان ۾ آمريڪي سفارتخاني جي ريجنل انگلش لينگئيج آفيس (ريلو) پاران پاڪستان – ٽسول (ٽيچنگ انگلش ٽو اسپيڪرس آف اَڌر لينگئيجز) جي پروگرام ذريعي انگريزي زبان جي سکيا لاءِ ڪم شروع ڪيو ويو. هن چيو ته 21هين صديءَ جي تدريس، ٻوليءَ جي تعليم لاءِ نصاب جي تياري ۽ ان لاءِ مواد شامل ڪرڻ بابت ڄاڻ جي فراهمي هن ڪانفرنس جو مقصد آهي. هن چيو ته ڪانفرنس ۾ انگريزي زبان جي تعليم، شاگردن جي ڪارڪردگي جو جائزو ۽ لسانيات ۾ درپيش چئلينجز سميت ٻين اهم موضوعن تي انگريزي ٻوليءَ جا ماهر خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. هن چيو ته انگريزي ٻولي عالمي سطح تي سائنس، ٽيڪنالاجي، تعليم ۽ سفارتڪاري جي اهم ترين ٻولي آهي، ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته هر شعبي جو شاگرد انگريزي سکي. هن چيو ته انگريزي ٻولي جديد سائنسي ۽ فني علم جي حاصلات سان گڏ پاڪستان جي نقطه نظر کي مؤثر طريقي سان عالمي برادريءَ تائين پهچائڻ ۾ سڀ کان وڌيڪ اهميت رکي ٿي. پاڪ – ٽسول پراجيڪٽ جي ڊائريڪٽر ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ جي پروفيسر ڊاڪٽر محمد ڪمال خان چيو ته اهڙي قسم جا پليٽ فارم انگلش لينگويج ٽيچنگ ڪميونٽي کي پاڻ ۾ ملائي  جديد رجحانن، مسئلن، عملي مشڪلات ۽ بهترين طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ جو موقعو فراهم ڪن ٿا. هن چيو ته انگريزي ٻوليءَ جي تدريس جي طريقن ۾ ڊجيٽل مواد جي استعمال، تعليمي مقصدن لاءِ انگريزي ٻوليءَ جي استعمال، ادب ذريعي انگريزي زبان جي تعليم ۽ بين الثقافتي مواصلات جي تدريس تي به ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. انسٽيٽيوٽ آف انگلش لينگئيج اينڊ لٽريچر جي ڊائريڪٽر ۽ آرٽس فئڪلٽيءَ جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر محمد خان سانگي چيو ته ڄاڻايل ڪانفرنس سڄي ملڪ مان ڪيترن ئي انگريزي ٻوليءَ جي ٽيچرز ۽ پيشيور ماڻهن کي گڏ ڪيو آهي ته جيئن ٽيڪنالاجي ۽ انگريزي ٻوليءَ واري ماحول تائين غير مستقل رسائي وارين حالتن ۾ هڪ عالمي ٻوليءَ جي صلاحيت جي اڏاوت طور انگريزي ٻوليءَ جي سکيا ۽ انگريزي سان متعلق موجوده تحقيق کي گڏائي سگهجي. هن چيو ته پيشيور ماڻهن جي تدريس تي مشتمل رابطي واري ٻوليءَ جي ترقي ۾ انگريزي ٻوليءَ جي تدريس ۾ نواڻ تي غور ڪرڻ گهرجي. نمل اسلام آباد جي پرو ريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر سفير اعواڻ چيو ته سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس جي صاف سٿري ماحول ۽ خوبصورتيءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ شاگردن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته پنهنجي تعليمي اداري جي ماحول کي بهتر بڻائڻ هڪ وڏي ڪنٽريبيوشن آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته پاڪ-ٽسول ڪانفرنس استادن، اسڪالرن ۽ شاگردن لاءِ سکڻ ۽ سيکارڻ جو بهترين ذريعو ثابت ٿيندي. ڪانفرنس جي سيڪريٽري سائره الطاف چانڊيو مهمانن کي ڀليڪار ڪيو، جڏهن ته ڊاڪٽر عبدالحميد پنهور افتتاحي تقريب جي پڄاڻيءَ دوران ڪانفرنس جي مقررن ۽ شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي ڊين فئڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي، انسٽيٽيوٽ آف فزڪس جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ، سينڊيڪيٽ ميمبر پروفيسر ڊاڪٽر عرفانه بيگم ملاح، سوشيالاجي جو چيئرمين ڊاڪٽر احمد علي بروهي، ڊاڪٽر محمد حسن اگهيم، ڊاڪٽر فريده ياسمين پنهور، ڊاڪٽر طارق حسن عمراڻي، ڊاڪٽر عبدالفتاح سومرو، ڊاڪٽر غلام علي ٻرڙو، ڊاڪٽر مبارڪ علي لاشاري، ڊاڪٽر الاهي بخش گوپانگ، ڊاڪٽر ظفر ابوپوٽو، ڊاڪٽر انتظار لاشاري، بيگم نصرت ڀٽو يونيورسٽي فار وومين سکر جو پير سهيل سرهندي، سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جو پروفيسر ڊاڪٽر عرفان احمد رند، ڊاڪٽر عقيفه امتياز، ڊاڪٽر سميرا ۽ ٻيا ڪيترائي اسڪالر تيڙي شاگرد ۽ شاگردياڻيون وڏي انگ ۾ موجود هئا. ان کان اڳ انسٽيٽيوٽ آف لينگئيجز جي نظر حسين چانڊيو تلاوت ڪلام جو شرف حاصل ڪيو، جنهن بعد قومي ترانو وڄايو ويو. قومي تراني جي احترام ۾ سمورا حاضرين ۽ اسٽيج تي ويٺل مهمان اٿي بيٺا. ڪانفرنس جي ڪارروائي انگريزي شعبي سان واڳيل فوزيه چانڊيو هلائي. افتاحي تقريب کانپوءِ مختلف سيشن شروع ٿيا، جن ۾ اسڪالرن انگريزي ٻولي جي سکيا جي حوالي سان پنهنجا تحقيقي مقالا پيش ڪيا. ڪانفرنس اڄ (اڱاري تي) پڻ جاري رهندي، جنهن بعد ٻن ڏينهن واري سکيا تي مشتمل ورڪشاپ شروع ٿيندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں