سوڀوديرو (ن س) ڳوٺ مٺو خان ناريجو جي رھواسڻ مسمات الھبچائي ڌي جمن لاشاري زال مرحوم خان محمد ناريجو ميڊيا وارن اڳيان احتجاج ڪندي ٻڌايو ته منھنجي پيء جي زرعي زمين ديھ سوڀوديرو ۾ آھي ان زمين جو سروي نمبر 668 ۽ 729 ۾ اڻويھ ويسا حصو آھي جنھن جو رڪارڊ موجود آھي. منھنجي اباڻي ڳوٺ ڪمال لاشاري جو رھواسي رٽائرڊ فوجي محرم لاشاري محبوب لاشاري وارن محمد بخش چنو ۽ سندس ڀاء خادم چنو وارن سان ھم صلاح ٿي تپيدار سوڀوديرو وسيم ملاح کي وڏي رشوت ڏئي ڪوڙو کاتو ٺھرائي قبضو ڪري ڇڏيو آھي ان زمين جو ڪيس سول ڪورٽ گمبٽ جي عدالت ۾ ھلندڙ آھي ھن وقت بااثر وڏيرو محمد بخش چنو تپيدار وسيم ملاح مون کي قتل جون ڌمڪيون ڏين ٿا ته ڪيس تان ھٿ کڻ . مان بيوھ ۽ مسڪين آھيان منھنجي ڪير به ٻڌڻ وارو نه آھي. مان ڪمشنر سکر. ڊي سي خيرپور. ايس ايس پي خيرپور کي اپيل ٿي ڪريان ته بااثر وڏيري ۽ ان جي ساٿارين خلاف قدم کڻي زمين تان قبضو ختم ڪرائي انصاف ڏنو وڃي.
