رياض ابڙو
پنجاب جو سياسي بحران تمام گھڻو ڳنڀير ٿي ويو آ جو ڪا ڳالھ سمجھ ۾ نه ٿي اچين (يا سمجھڻ نه ٿا چاهن) ڇو جو هڪڙي وزيراعلي (حمزا شهباز) کي هڪ هفتو مس برداشت ٿا ڪن ته مٿان وري ڪورٽون قانوني ڪاروائي ڪري حمزا شهباز کي گهر ڀيڙو ڪري وري چودري پرويزالاهيءَ کي وزيراعلي بڻائي ويهي ٿيون رهن، يا ڪرسيءَ جي ويڙھ جيتري پنجاب اندر شديد آ اوتري ويڙھ مرڪز ۾ به ناهي يا اتي اهو به ڏسجي ته پنجاب اندر سياست جيتري طاقتور آ اوتري وري ڪمزور به آهي جو جنهن جو پيءُ وزيراعظم هجي تنهن وزيراعلي (حمزا شهباز) کي ايتري طاقت نه هئي ته هو ڪنهن طرح وزيرن کي ڪنٽرول ڪري سگهي يا ڪورٽون هن جو ڪو چوڻ وٺن پر اتي اها ڳالھ ته واضع هئي ته صوبي اندر قانون جي بالادستي هئي (۽ آهي) ۽ پي ڊي ايم، نون ليگ ۽ شهبازشريف به اها ڳالھ مڃي چُپ ٿي ويا ته قانون جو بول بالا ٿئي، ان ڪري جيڪو قانون وارا چون اهو ڪيو ڇو ته ان ۾ ئي ملڪ ۽ قوم جي ڀلائي آ، ان ڪري ڳالھ هاڻي پي ٽي آءِ جي ناهي پر قاف ليگ جي ضرور آهي ته اهي پي ٽي آءِ سان ڳٺ جوڙ ڪري اڙجي ويا آهن جو حڪومت کي اڃان مهينو به ناهين گذريو يا گذريل اپريل (2022) کان وٺي جيڪو سياسي ٽينشن شروع ٿيو هيو اهو اڃان ختم ئي نه ٿو ٿئي ۽ پنجاب وارن جي ان سياسي ٻڙڌڪ مان جان نه ٿي ڇٽي.
ماضي (سيپٽيمبر 2020) ۾ ساڳي وٺ وٺان پي ڊي ايم وارن سان به هئي ته خان هر صورت گهر ڀيڙو ٿئي، پوءِ ان ڏس ۾ اهي پي ڊي ايم وارا لانگ مارچ ڪن يا استعفائون ڏين يا صوبائي اسيمبليون ٽوڙن، پر ان ڳالھ ۾ نون ليگ ۽ پي پي وارا به ان انتشار واري سياست ۾ هيا ته نيون چونڊون ٿين، يا نون ليگ وارا به ان ضد تي هيا ته پي پي وارا صوبائي (سنڌ) حڪومت جي قرباني ڏين ۽ پي پي وارا ان ڳالھ ۾ هيا ته لانگ مارچ ڪجي، جنهن جي ڪري ان ضد بحث واري سياست جو نبيرو مشڪل هيو جو نومبر 2020 تائين پي پي انهن 13 پارٽين کان الڳ ٿي پي ڊي ايم کي خيرباد به چئي چڪي هئي يا پي پي جي ٽياڪڙي جي لاءِ مولانا فضل الرحمٰن جون جُتيون به گسَي ويون هيون، پر پوءِ پي ڊي ايم وارن جي پِيرَ پُڄائي جو بي اعتمادي جي رٿ ڪامياب ٿي وئي ۽ بنا اليڪشن جي شهبازشريف ڪرسيءَ تي چڙهي ويٺو ۽ نظرياءِ ضرورت اها هئي ته قانوني طرح عمران خان کان ڪرسي کسيو يا ان پي ٽي آءِ جي پيرن هيٺان سياسي زمين کسڪايو ۽ ساڳي ڳالھ هاڻي به آهي ته جي پنجاب جون اسيمبليون ٽٽيون ته قاف ليگ جا 10 ميمبر ڦيرائڻ مسئلو ناهي اهي ته ڦري ويندا پر پي ٽي آءِ پوءِ ان نور کان به هلي ويندي، ۽ پي ٽي آءِ جو سياسي گراف جيترو پنجاب ۾ اونچو آهي اوترو وري ڪِري به پوندن، ان ڪري حرفتي سياست انهن جا بنيادي ميمبر به ڦيرائي ويندي ۽ جيڪي بنيادي ڳوٽون پي ٽي آءِ جي کيسي ۾ آهن اهي انهن کان نڪري وينديون ۽ جهانگيرترين، عليم خان ۽ قاف ليگ وارا وري اسٽبلشمينٽ جي جهوليءَ ۾ ويهڻ ۾ دير نه ڪندا ۽ ائين پي ٽي آءِ وري وڌيڪ ڪمزور ٿي ويندي.
۽ ٻي ڳالھ اها به عمران خان جي سياسي تنگ نظري هن جي پارٽي جا لاھ ڪڍي ڇڏيندي ان ڪري ته سياست ۾ شيون گھڻ پاسايون آهن ۽ ان ملٽيپل سياسي تناظرن ۽ سياسي جھيڙن جھٽن يا ڄنڊا پَٽَ ۾ اها ڳالھ وڏي اهميت جي حامل آهي ته وقت سر سياست ڪيئن ڪجي يا جيڪا ڳالھ عمران خان پاڻ ڪندو هيو ته صحيح هئي يا هاڻي جيڪڏهن هي پي ڊي ايم وارا ڪن ٿا ته غلط آ، معني ضد ساڳو آ جنهن ۾ لانگ مارچن واري ڳالھ، نيب جي قانونن واري ڳالھ، يا گھڙي گھڙي اها ڳالھ ڪرڻ ته ملڪ ڏيوالي جو شڪار ٿي ويندو هاڻي اها ڳالھ ائين به آهي ته جنهن ٻيڙي ۾ هي سوار آهن ۽ ان ٻيڙي ۾ سوراخ آ ۽ پاڻي ڀربو ٿو وڃي، حيرت آ جو حڪومت ۽ مخالف ڌرين ۾ ظاهرن ان ڳالھ تي جھيڙو آ ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري ويندو، مهانگائي گھڻي آ، روپئي جي قدر ۾ گھٽتائي ٿي اچي، اندروني ۽ بيروني حالتون يا مسئلا گھڻا ٿي ويا آهن يا اڃان به بگڙي ويندا ان ڪري ملڪ انهن حڪمرانن کان نه هلندو ان ڪري اهي ڪرپٽ حڪران هاڻي فورن لهي وڃڻ ۽ انهن آکيرن تي اهي ئي چٻرا چڙهي ويهن جن جي دور جا مسئلا به اهي هيا ته فارين رزروس گھٽجي ويا آهن، ڪرنٽ اڪائونٽ جا خسار گھڻا ٿي ويا آهن بجيٽ جي خساري جو پورائو ممڪن ناهي، آمريڪا، چين ۽ روس جي ٽياڪڙي ۾ پاڪستان جي ڳوٽَ ڪٿي بيهندي حلانڪي ڏسجي ته اهي سڀ رياست جا اجتماعي مسئلا آهن ۽ رياست انهن سياسي اڳوڻن کي ان ڪري به چونڊي ٿي ته اهي پنهنجي سياست بصيرت سان انهن جي پائيدار حل جي ڳولها ڪندا پر نتيجي ۾ ٿئي ائين ٿو ته اهي اڳواڻ، سياسي اڪابر ۽ وزير ملڪ کي ڪنهن ڪٻاڙ ۾ پيل اهڙي بيڪار شيءِ ٿا سمجهن جنهن مان ذرو پرزو ڪڍي کپائيندا وڃن (گري يا مورگيج ڪندا) ۽ دعوي ٿا ڪن ته ملڪ جي ڏيوالو نڪرندو.
سياست ۾ ٺاپر ناهي پر رياست ۽ سياست ڪنهن ٻئي طرح يا ڪنهن ٻئي مسئلي ۽ معاملي کي به ڏسي ان ڪري ته شيون ڏينهون ڏينهن وڃن ٿيون بگڙنديون ڇو ته سياسي بحران هڪ ڌٻڻ مان نڪري ٿو ته وري ٻي ڌٻڻ ۾ ڦاسي ٿو پئي ۽ گھڻي ڀاڱي سياسي پنجاب سينٽرڪ هلنديون ٿيون اچن ان ڪري جو ڄُنڊا پَٽَ به پنجاب اسيمبليءَ ۾، ڄنگهون ٻانهون به پنجاب اسيمبليءَ ۾ ٿيون ڀڄن، وزيرن جي گارگند به پنجاب اسيمبليءَ ۾ آ يا جيڪا به گڙٻڙ ٿئي ٿي اها آهي ئي پنجاب جي وزيرن جي ان ڪري جو ڪرسيءَ جي ويڙھ ۽ تخت لاهور جي وٺ وٺان رڳو اتي ئي آهي، ڪورٽن ۾ معاملا هڪڙا طئي ٿي مس بس ٿا ڪن ته وري ٻيا، هڪڙن کي آئين تحت وڪوڙن ٿا ته ٻين کي آئين تحت آزاد ڪري سياست جا سڀ حق ۽ واسطا بخشين ٿا ته شيون جيڪي به هلن يا شيون جيڪي به ٿين اهي اسٽبلشمينٽ جي آشواد تحت ٿين، ان ڪري سکڻي ڪُني اڀامي اڀامي وري اهڙا ته سياسي ٺڪاوَ ٿي ڏئي جو وڃين ٿين بس، ان ڪري عمران خان جو سياسي ڦوڪون ڪم جون ناهن يا اها ڳالھ وڃي ڪامن سينس آ ته اليڪشن ٿيندي ۽ جنهن ملڪ جي لاءِ هي پاڻ پيا چون ته ڏيوالو نڪرڻ وارو اٿيس يا نڪري چڪو آ (يا اها ڳالھ به گذريل ڏهن سالن کان سرگردان لڳي پئي آ) پوءِ اتي وقت کان اڳ اليڪشن ڪرائڻ ۽ ان ئي عمران خان کي کڻي اچڻ مان فائدو يا جنهن کي سرڪار جو آلجبرائون به سمجھ ۾ نه ٿيون اچن ان جي آسري ڪهڙي سرڪار هلي پوندي يا پائيدار اندروني ۽ بيروني سياست چمڪندي ان ڪري اليڪشن ممڪن ئي ناهي ته پنهنجي وقت ٿي ٿئي پي سال سال ۾ نه ٽپائيندا وڃن يا عبوري حڪومت هلائي مڙئي ڪم ٽپائيندا ان ڪري اليڪشن ۽ بيڪار ڳالهين جي راڳ کي ڇڏي معيشت ۽ معاشي حالتن جي سڌاري تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.
پنجاب جو انتظامي بحران به تمام گھڻو آ جو اتي ڪو آءِ جي، سيڪريٽري يا چيف سيڪريٽري بيهن ئي نه ٿو يا ڌڪ نه ٿا جهلن، مثال گذريل اٺن مهينن ۾ 28 هايرايجوڪيشن جا سيڪريٽري، 10 کان وڌيڪ پرائمري ۽ سيڪنڊري ايجوڪيشن جا سيڪريٽري، هيلٿ ڊپارٽمينٽ جا سيڪريٽري، ۽ پنجاب جا نوَ پوليس جا آءِ جي مٽجي چڪا آهن ۽ ائين ٿو لڳي ڄڻ مسئلو هاڻي سياسي اڻ بڻت سان گڏ انتظامي اڻ بڻت ۽ اٿل پٿل جو به آهي ته ڪير ڪنهن سان نه ٿو ٺهي ۽ ڪير ڪنهن جي نه ٿو مڃي ۽ ڪير ڪنهن جي مفاد سان ٻڌل ناهي يا ائين چئجي ته جيڪو به وزيرن جي چئي آکيي جي انحرافي ٿو ڪري ته اهو ٻئي ڏينهن ڪرسي تي نظر نه ٿو اچي، ساڳي ڳالھ وري وزيرن، مشيرن ۽ سياسي اڳواڻن سان به آهي ته جيڪيو به فوجي اسٽبلشمينٽ جي نه مڃيندو اهو ٻئي ڏينهن ڪرسي تي نه هوندو، هاڻي وري اها ئي ڳالھ چودري پرويز الاهي تي اچي بيٺي آ ته هو ويچارو الله الله ڪري مس ڪرسيءَ تي ويٺو هيو تنهن جي مٿان به هاڻي پاڻي ۽ باھ وري ڳالھ اچي بيٺي آ يا پي ٽي آءِ جي تلوار ايتري پنهنجي وزيرن جي مٿان به نه هئي جيتري هن جي مٿان آهي حلانڪي هي نه پي ٽي آءِ جو نه هن جو ڪنهن طرح عمران خان جي ڪنهن به سياست سان ڪو اَيرُڀيرُ به ناهي پر ڳالھ وري به چودري پرويز جي ڳچيءَ ۾ پئجي وئي آ، ان ڪري ته عمران هڪ اهڙو ناڪام اڳواڻ ۽ سياسي اڪابر بڻجي چڪو آ، جنهن کي اها ڳالھ سمجھ ۾ نه ٿي اچي ته پارٽي جي اندر ڪير ٻارنهون کلاڙي آ يا ڪير ناهي يا ڪٿي هي پاڻ ته ٻارنهون کلاڙي ناهي، ان ڪري ته جيڪو اڳواڻ هر ٻئي ڏينهن ۽ هر هفتي ناڻي جا وزير، اطلاعات جا سيڪريٽري يا تعليم ۽ سائنس جا انڊرگريجوئيٽ وزير رکندو هيو ان جي سياسي بصيرت مان ڪهڙي اميد رکون ته هي هاڻي ڪو ٻوٽو ٻاريندو پر راند پنهنجي ضرور ڊاهيندو ان ڪري جو هي نه ٿو پاڻ سياست ڄاڻي ۽ نه ٿو ٻين جي سياست کي سمجهي.
