ميرپور ماٿيلو ۾ رهواسين جو لائيو اسٽاڪ کاتي خلاف احتجاجي مظاهرو،ڌرڻو

ميرپور ماٿيلو(ن س) گذريل ڏينهن مختلف علائقن جي رهواسين مالوند ماڻھن پاران  چوپائي مال کي سرڪاري گاھ نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ان موقعي تي عبدالرزاق شر ڪمال شر ارباب شر ۽ ٻين جو چوڻ هو ته حاليا برساتن سبب فصل ۽ گھر اسان جا مڪمل طور تي تباھ ٿي ويا آھن پر ھن وقت تائين سندس ٻي ڪنھن جي سار ته نه لڌي وئي آهي پر حڪومت جي طرفان برسات متاثرين مالوند ماڻھن جي چوپائي مال لاء ملندڙ سرڪاري گاھ به اعلي اختيارين جو آشيرواد حاصل ھجڻ سبب  لائيو اسٽاڪ کاتي جو عملو ۽ ڍاڪٽر مدن لال وڪرو ڪري رهيا آهن جنھن ڪري سندس چوپايو مال بک وگھي مري رھيو آھي جيڪو ظلم آھي ھنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ھو اھڙي ظلم خلاف ڍاڪٽر مدن لال وٽ وڃي وڃي ٿڪجي ويا آهن پر ھو اسان مسڪينن جي ڪابه دانھن فرياد ٻڌڻ لاء تيار ناھي ھنن لائيو اسٽاڪ کاتي جي صوبائي وزير کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي آهي ته فوري طور تي نوٽس وٺي چوپائي مال لاء سرڪاري گاھ ڏياريو وڃي ٻي صورت ۾احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں