ٽنڊوآدم ( ن س ) ٽنڊوآدم ۾ گورنمنٽ سنڌي مين پرائمري اسڪول ۾ ثقافتي ڏھاڙي جي موقعي تي تلاوت . نعت . تقريرن . شاعري . ٽيبلوز ۽ قومي گيتن تي بھترين ڪارڪردگي جو مظاھرو ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ولي جان . اقراء ساند . نمرا ساند . زبير جدگال . فضا ساند . رضا محمد . محمد يوسف . پارس . خواھش . انجلي . راڌيڪا . جھانزيب ۽ ٻين کي ھيڊ ماستر لکاڏنو خاصخيلي پاران ميڊل پارايا ويا ۽ کين نقد انعام ڏنا ويا ان موقعي تي ھيڊ ماستر لکاڏنو خاصخيلي چيو ته ثقافتي پروگرام ۾ بھترين ڪارڪردگي جو مظاھرو ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو جن اسڪول جو نالو روشن ڪيو انعام ڏيڻ جو مقصد ٻين ٻارڙن ۾ مقابلي ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪرڻ آھي ھن استاد سيد احسان شاھ . امتياز خاصخيلي . دولت رام جي محنتن کي پڻ ساراھيو جن محنت ڪري شاگردن کي بھتر ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاء تيار ڪيو .
