اسلام آباد ( بيورو ) پيٽروليم بابت مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته پيٽروليم شين بابت روس سان معاهدو طئي ٿي ويو آهي ۽ هو اسان کي سستي اگهن پيٽرول، ڊيزل ۽ ڪچو تيل ڏيندو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصدق ملڪ چيو ته عوام کي مبارڪباد ڏيڻ چاهيان ٿو ته روس جو دورو اسان جي اميدن کان وڌيڪ ڪامياب رهيو. سندس چوڻ هو ته روس سان ڪچي تيل، پيٽرول ۽ ڊيزل بابت معاهدا ٿي ويا آهن، روس اسان کي رعايتي اگهن تي ڪچو تيل فراهم ڪندو، روس پاڪستان کي پيٽرول ۽ ڊيزل پڻ سستي قيمت تي ڏيندو. مملڪتي وزير چيو ته گذريل سال گرين انرجي طرف وئي، دنيا اهڙي صورتحال ۾ ايل اين جي جو وڏو حصو خريد ڪري ورتو، روس وٽ به ايل اين جي موجود نه آهي پر روس ۾ خانگي ڪمپنين سان ايل اين جي لاءِ ڳالهه ٻول شروع ٿي وئي آهي، روس جي سرڪاري ايل اين جي وارن ڪارخانن سان پڻ ڳالهيون جاري آهن. مصدق ملڪ جو چوڻ هو ته پائيپ لائين بابت پڻ گفتگو ڪئي وئي، روسي حڪومت ايل اين جا نوان ڪارخانا ٺاهي رهي آهي، روس جي نون ڪارخانن سان ايل اين جي جا نوان معاهدا ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم جو حڪم آهي ته ملڪ کي زراعت ۾ پاڻڀرو ٿيڻو پوندو، ملن جي چمني مان هر وقت دونهو نڪرڻ گهرجي ان سان روزگار جا در کولندا آهن. وزيراعظم چاهي ٿو ته هر نوجوان کي نوڪري ملي، معيشت ترقي ڪندي ته نوڪري ملندي، ملڪي معيشت کي ست سيڪڙو تائين اڳتي وڌائڻو آهي.
