ڪنري (ن س) هائي ڪورٽ جي حڪم بعد سنڌ حڪومت طرفان 2020ع ۾ برسات متاثرن کي 10 ھزار کان 25 ھزار روپين تائين رقم جي ورڇ شروع ڪئي وئي آھي. ڪنري جي ھزارين برسات متاثرن کي رقم ڏيڻ لاءِ ريڊ چلي سينٽر کي وظيفو سينٽر قائم ڪيو ويو آھي. سينٽر تي رقم جي ورڇ رھواسين لاءِ عذاب بڻجي وئي آھي، پوليس اھلڪارن ۽ پئسا ڏيندڙ ڊوائيز ھولڊرن جون من مستيون عروج تي پھتل آھن. جنھن سبب متاثر سخت پريشانين ۾ مبتلا آھن. متاثرن حضور بخش چانڊيو، امداد علي، رائيڌڻ مل، جنيد يوسف ۽ ٻين دانھيندي الزام ھنيو ته پوليس اھلڪارن پاران رقم وصول ڪرڻ لاءِ ايندڙن تي مارڪٽ ڪري، لٺون، لتون ۽ مڪن جو وسڪارو ڪيو پوليس اھلڪار ۽ ڊوائيز ھولڊر رشوت وٺي پنھنجن من پسند ماڻھن کي پئسا ڏين پيا، غريبن جو ڪوئي والي وارث ناهي. بلاوجه مارڪٽ جو نشانو بڻائي ڪپڙا ڦاڙيا ويا
