ڪوٽڙي: روزاني“سنڌ” جي سڏ تي ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف هزارين ماڻهو ثقافتي ۾ ويس ۾ ٻاهر نڪري آيا

ڪوٽڙي (رپورٽ: وقار ھيسباڻي) ڪوٽڙي سنڌ اخبار جي سڏ تي  ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف ٽوپي اجرڪ پائي هزارين ماڻهون ثقافتي ويس ۾ ڍڪجي ويا سنڌ اخبار ۽ ڄامشورو پريس ڪلب طرفان ڪوٺايل مک تقريب ۾ ماڻهن جو سمنڊ اٿيلي پيو سنڌي ثقافت زندھ آباد جا نعرا پوري ضلعي ۾  سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، قومي عيد طور ملهائجندڙ  سنڌي ثقافتي ڏهاڙي لاءِ صحافين، سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، استادن، شاگردن توڙي عام شهرين پاران  مختلف تقريبون منعقد ڪيون ويون جڏهن ته مک ثقافتي تقريب ڄامشورو پريس ڪلب ۽ سنڌ اخبار طرفان ڪوٽڙي ڦاٽڪ ايڊمور پمپ وٽ رٿي وئي جنهن لاءِ 46 فٽ ڊگهي، 10 فوٽ ويڪري ۽ 20 فوٽ اونچو اسٽيج تيار ڪيو ويو هو. جنهن کي ميڊيائي ادارن جي لوگوز، سنڌ جي ثقافتي ورثي جي عمارتن سوڌو ثقافتي رنگن سان سينگاريو ويو هو. ثقافتي ڏهاڙي جي تقريب صحافين، اديبن، دانشورن مختلف سياسي سماجي قومپرستن پارٽين ايس ٽي پي ايس يو پي، قومي عوامي تحريڪ، جسقم، فنڪشنل ليگ، ٻولهاڙي اتحاد، انڊس پبلڪ اسڪول، سميت مختلف برادرين توڙي عام شهرين ۽ شاگردن طرفان ريليون ڪڍيون ويون.  جتي ڄامشورو پريس ڪلب جي مک تقريب ۾ شامل ٿي ويون، جڏهن ته  تقريب ۾ ناليوارن فنڪارن وقار ملاح، صوفي علي مراد جتوئي،  وسيم سمون، دانش منظور، طارق آڪاش، علام حسين مور ڊانس محمد موسي سوڌو ڪيترن ئي مقامي فنڪارن قومي گيتن تي سر وکيري خوب داد حاصل ڪيو جڏهن ته مزاحيا فنڪارن قادر بخش مٺو منظور چانڊيو ۽ ٻين پنهنجي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري واھ واھ ڪرائي ڇڏي، ان دوران  ثقافتي جلسي ۾ نوجوان قومي گيتن تي رقص ڪندا رهيا، جلسي ۾ پريس ڪلب جي صدر ڊاڪٽر عبدالفتاح دائوپوٽو ،نائب صدر اسد مڱريو، جنرل سيڪريٽري دلدار جانوري، جبار ڪابورو ،حاڪم چانڊيو، علي مڱريو، وقار هيسباڻي، حسن چانڊيو، فرحان مڱريو، منور چانڊيو اويس قريشي، عابد عباسي، راشد لاکير، زوهيب سولنگي سوڌو ٻين آيل مهمانن جو ڀرجوش استقبال ڪيو. جتي آيل مهمانن کي اجرڪ اوڍايا ويا، تقريب دوران مختلف اسڪولن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان سنڌي ثقافت کي اجاڳر ڪرڻ توڙي تعليم جي واڌاري لاءِ خاڪا پڻ پيش ڪيا ويا. تقريب دوران سنڌ جي آجپي ۽ خوشحالي لاءِ اجتماعي دعا گهري وئي، صبح کان شام تائين جاري رهندڙ تقريب جو اهتمام هو جمالو سان ڪيو ويو. جڏهن ته مختلف ڊرين طرفان ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف احتجاج جو علان ڪيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں