بدين (ڊ ر) ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون نجيب الرحمان جمالي جي زير صدارت آيوڊين جي اھميت بابت لوڻ جي چڪي مالڪان سان درٻار ھال ۾ اھم گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون چيو ته آيوڊين جي ڪمي جي ڪري ڳلي جون بيماريون ننڊو قد ۽ دماغي بيمارين سميت ٻيون بيماريون ٿي سگهن ٿيون ھن چيو ته ھر ماڻھو کي گهرجي ته ھو پنھنجي گهرن ۾ آيوڊين مليل لوڻ استعمال ڪن ته جيئن ٻارڙن جي نشو نما سٺي نموني ٿي سگهي هن وڌيڪ چيو ته جيڪي لوڻ چڪيون آيوڊين نه پيون ملائن انهن لوڻ چڪين خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي گڏجاڻي کي بريفنگ ڏيندي زونل مينيجر ظھير احمد چيو ته آيوڊين اسان جي صحت لاءِ تمام گهڻو ضروري آهي ھن چيو ته 20 ھزار ڪلو گرام لوڻ لاءِ فقط هڪ ڪلو آيوڊين ڪافي آهي هن وڌيڪ چيو ته آئوڊائيز لوڻ هارمونز ٺاهڻ ۾ مدد ڪري ٿو جيڪي دل جي شرح ۽ بلڊ پريشر کي منظم ڪن ٿا. اهو اضافي چربی ذخيرو کي ساڙڻ ۾ پڻ مدد ڪري ٿو جيڪا دل جي بيماري جو سبب بڻجي سگهي ٿي.
