اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ عمران خان ۽ ٻين خلاف توهين اليڪشن ڪميشن جي ڪارروائي جاري رکڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. عدالت اليڪشن ڪميشن جي اختيارن تي تحريڪ انصاف جا واريل اعتراض رد ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن عمران خان، فواد چوڌري ۽ اسد عمر خلاف توهين اليڪشن ڪميشن جا نوٽيس جاري ڪيا هئا. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ اليڪشن ڪميشن جون پي ٽي آءِ قيادت خلاف درخواستون اڪلائي ڇڏيون. عدالت هاءِ ڪورٽس کي توهين اليڪشن ڪميشن خلاف پي ٽي آءِ جي درخواستن تي جلد فيصلا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. عدالت رمارڪس ۾ چيو ته قانون موجب توهين اليڪشن ڪميشن جي ڪارروائي جاري رهندي، شوڪاز نوٽيس جاري ٿيڻ کان اڳ پي ٽي آءِ قيادت جي اعتراضن تي فيصلو ڪيو وڃي. اي سي پي جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته اليڪشن ايڪٽ جو سيڪشن 10 اليڪشن ڪميشن کي توهين عدالت جي ڪارروائي جي اجازت ڏئي ٿو، عمران خان، اسد عمر ۽ فواد چوڌري اليڪشن ڪميشن ۾ پيش نه پيا ٿين. عدالت چيو ته اليڪشن ڪميشن کي ڪنهن هاءِ ڪورٽ ڪارروائي کان ناهي روڪيو، اليڪشن ڪميشن آڪٽوبر کانپوءِ توهين اليڪشن ڪميشن جي ڪارروائي پاڻ بند ڪئي آهي، اليڪشن ڪميشن ٻڌائي ته توهين ڪميشن جي ڪارروائي ڪيئن ڪئي وئي آهي؟ چيف جسٽس آف پاڪستان پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن کي آئين تحت ڪارروائي ڪرڻ جو اختيار حاصل آهي. پوءِ عدالت توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ پي ٽي آءِ قيادت خلاف درخواستون اڪلائيندي چيو ته توهين اليڪشن ڪميشن جي ڪارروائي جاري رهندي. عدالت چيو ته هاءِ ڪورٽس توهين اليڪشن ڪميشن خلاف پي ٽي آءِ جي درخواستن تي فيصلو جلد ڪن، پي ٽي آءِ قيادت خلاف حڪم توهين اليڪشن ڪميشن جي ڪارروائي مڪمل ٿيڻ تي ٿي سگهندو. واضح رهي ته پي ٽي آءِ قيادت توهين اليڪشن ڪميشن جي نوٽيسن ۽ اختيار کي هاءِ ڪورٽن ۾ چئلينج ڪيو هو ۽ اليڪشن ڪميشن جاري ڪيسن کي گڏائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو.
