خيرپور ناٿن شاهه ۾ تعلقه بار جي افتتاحي تقريب منعقد ڪئي وئي

خيرپور ناٿن شاهه(ن س) خيرپور ناٿن شاه تعلقه بار جي صدر ايڊووڪيٽ ظفر علي ٻگهيو طرفان تعلقه بار جي افتتاحي تقريب منعقد ڪئي وئي تعلقه بار جو افتتاح سيشن جج دادو محمد مونل ميمڻ ڪيو ۽ دعا خير پڻ گهري سول ڪورٽ خيرپور ناٿن شاه ۾ فسٽ سيشن جج دادو محمد مونل ميمڻ ۽ قاضي بدرالدين پوٽو هو. تعلقه بار جي صدر ايڊووڪيٽ ظفر علي ٻگهيو طرفان سيشن جج دادو محمد مونل ميمڻ ۽ فسٽ سيشن ماڊل ڪورٽ جي جج قاضي بدرالدين کي سنڌ جي ثقافت بوسڪي جو پٽڪو پارايو  دادو ضلعي جي سڀني جج صاحبن ۽ وڪيلن کي سنڌي ٽوپي اجرڪ جا تُحفا پيش ڪيا ويا تعلقه بار جي صدر ايڊووڪيٽ ظفر علي ٻگهيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته مان شڪريو ادا ڪيان ٿو پوري ضلعي جي جج صاحبان ۽ وڪيل ڀائرن جو جيڪي پنهنجو قيمتي ٽائيم ڪڍي ڪري تعلقه بار ڪي اين شاه آيا .

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں