دادو لڳ ڳوٺ ٻيلو پتڻ کان ايم اين وي ڊرين جي مٿان تعمير ٿيل ڪاري موري پل ڌماڪي سان ٽٽي پئي

دادو(رپورٽ:علي گوھر سومرو) دادو لڳ ڳوٺ ٻيلو پتڻ کان ايم اين وي ڊرين جي مٿان تعمير ٿيل ڪاري موري پل ڌماڪي سان ٽٽي پئي، جوهي کي واحد ذريعو پيئڻ جو پاڻي پهچائڻ واري ڪاري موري پل  ٽٽي پئي، ايم اين وي ڊرين جي مٿان ڪاري موري پل  جيڪا 1985 ۾ ٺهي ھئي اڄ اها ٽٽي پئي آهي انتظاميا ۽ ٺيڪيدارن جي نااهلي سبب پل ڊٿي آهي، علائقي جي ڳوٺن جي ڳوٺاڻن دانھيو ته  ھن موري کان خانپور جوڻيجو ، خيرپور ناٿن شاه، دادو، ۽ ٻين شھرن ڏي ايندا ويندا ھئاسين، ھاڻي اسان کي سفر ۾ سخت  تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوندو، اھو شايد حڪمران سمجهي سگھن ھا ته اڄ ھن موري جا اھڙا حال نه ٿين ھا، اڳوڻي وزير اعظم شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪاڇي جوھي، خيرپور ناٿن شاھ جي عوام کي ملائڻ لاءِ پل تعمير ڪرائي ھئي،آمر ضياءُ الحق ڪن سببن ڪري پل جو افتتاح نہ ڪيو، تعمير ٿيل ڪاري موري پل چاليھن سالن بعد ڊھي پئي، ياد رھي تہ ان کان اڳ 1929ع ۾ انگريزن طرفان جوڙايل ڪاري موري جيڪا مڪمل لوھ جي ٺھيل ھئي، ان تي ئي ڪاري موري جو نالو پيو ھيو، پر ان کي ڊاھي ان جي جاءِ تي ھي موري ٺاھي وئي ھئي، جيڪا اڄ صبح پٽ پئجي وئي، جنھن سبب جوھي طرف ويندڙ زرعي پاڻي جي منتقلي پڻ معطل ٿي وئي آھي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں