ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ جي قانوني ۽ آئيني ماهرن نون صوبا ٺاهڻ لاءِ خورشيد شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ جوڙيل 7 رڪني پارلياماني ڪميٽي کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو. بيرسٽر ضمير گهمرو هڪ خانگي چينل سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جي آئين ۾ وڌيڪ صوبا ٺاهڻ جو ڪو به ذڪر نه آهي، آئين ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ جي صوبن جي وحدت جو خيال رکيو وڃي. قانوندان شهاب اوستو چيو ته آئين ۾ نون صوبن جي ڪا به گنجائش نه آهي، نوان صوبا ٺاهڻ ۽ انتظامي يونٽ ٺاهڻ ۾ فرق آهي، انتظامي يونٽ ٺاهڻ لاءِ به صوبي جي عوام جي اڪثريتي راءِ جي حمايت جو هجڻ ضروري آهي، آئين ۾ سنڌ جي وحدت کي تحفظ مليل آهي. هڪ خانگي چينل سان ڳالهائيندي تاج حيدر چيو ته پيپلزپارٽي ڏکڻ پنجاب جي عوام سان سرائيڪي صوبو ٺاهڻ جو وعدو ڪيو هو. تاج حيدر چيو ته خورشيد شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ جڙيل پارلياماني ڪميٽي ان حوالي سان آئين ۾ ترميمن لاءِ جائزو وٺندي، اهو خوف اجايو آهي ته سڀاڻي ساڳي ترميم سنڌ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ به استعمال ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ آئين ۾ امڪاني ترميم بابت خورشيد شاهه جي سربراهي ۾ 7 رڪني ڪميٽي قائم ٿي چڪي آهي. ڪميٽي ۾ مرتضيٰ جاويد عباسي، صابر حسين قائم خاني، خالد مگسي، نزهت پٺاڻ، نويد عامر جيوا ۽ ڊاڪٽر رميش ڪمار وانڪواڻي جا نالا به شامل آهن. قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پيلجو چيو آهي ته پيپلزپارٽي ايم ڪيو ايم سان ڳجهي معاهدي تحت سنڌ ورهائڻ لاءِ پارلياماني ڪميٽي جوڙائي آهي. اياز لطيف پليجو چيو ته 6 مهينا اڳ پي ڊي ايم حڪومت ٺاهڻ لاءِ ايم ڪيو ايم سان 2 معاهدا ڪيا ويا هئا. اياز لطيف پليجو چيو ته پيپلزپارٽي جي قيادت اهو وساري ويٺي آهي ته سنڌ جا ڪروڙين ماڻهو سنڌ جي ورهاڱي خلاف وڏي مزاحمت ڪندا.
