لاڙڪاڻي ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ جي شاھه عبداللطيف يونيورسٽي انتظاميه خلاف احتجاجي ريلي

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ ضلعي لاڙڪاڻي پاران شاھه عبداللطيف يونيورسٽي جي ڪاليج سائيڊ جي ايسوسيئيٽ ڊگري جي شاگردن کان وقت سر امتحان نه وٺڻ خلاف گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جتي هنن احتجاجي مظاهرو ڪري هٿن ۾ بئنر کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي ريلي جي اڳواڻي ڪندڙ سنڌي شاگرد تحريڪ ضلعي لاڙڪاڻي صدر فرحان ڪلھوڙي، سجاڳ ٻار تحريڪ جو مرڪزي صدر اعتزاز گائنچو، بابر ھليو، شعيب نوناري، سرفراز سومرو، فھد لانگاھ، اسامه لاشاري، سياف اڳواڻ آفتاب چانڊيو، آڪاش ديدڙ، سجاد ميمڻ، حسيب جوکيو، وحيد حاصلو ۽ ٻين چيو ته شاهه عبدالطيف يونيورسٽي انتظاميه بي ايس سي ايسوسئيٽ ڊگري آرٽ، سائنس، ڪامرس بيچ 2020 جا ٻئين سال جا امتحان ۽ بئچ 2021 جان پھرين سال جا امتحان وقت سر ڪون پئي وٺي جڏھن ته سال پھريان ڊسمبر مھيني ۾ انلائن امتحاني فارم به ڀريو ويو ھو پر سال گذري چڪو آھي ھي نااھل انتظاميه مختلف بھانن ذريعي بار بار امتحان ملتوي ڪري شاگردن سان ويساهه گھاتي پئي ڪئي وڃي. هنن مطالبو ڪندي چيو ته سال 2020 جي بئچ جي ضايع ٿيل وقت جو ازالو ڪندي ماسٽر ۾ ايڊجسٽ ڪيو وڃي، سال 2021 جي بئچ جا پارٽ ون جا امتحان وٺي جلد کان جلد پارٽ ٽو جا به امتحان ورتا وڃن جئين شاگردن جا ايڇ اِي سي پاران مقرر وقت تي ڊگري ملي ۽ شاگرد وڌيڪ تعليم لاءِ اڳتي وڌن، سلپ مارڪ شيٽ ۽ ٻين ڊاڪوميٽس ۾ غلطيون نه ڪيون وڃن. اڳواڻن چتاءُ ڏنو ته اسان جا جائز مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته احتجاجي تحريڪ تيز ڪئي ويندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں