نوشهروفيروز( ڊ ر) ايم سڪس موٽروي ميگا ڪرپشن اسڪينڊل ۾ اينٽي ڪرپشن نوشھروفيروز پاران داخل ڪيل ايف آءِ آر سامھون اچي وئي آھي. ايف آئي آر 22 ڄڻن خلاف داخل ڪئي وئي آھي. سرڪل آفيسر محمد زمان اعواڻ جي مدعيت ۾ داخل ايف آءِ آر ۾ اڳوڻو ڊي سي تاشفين عالم، ٻه مختيارڪار ڀريا نياز اڄڻ ۽ محرابپور شفيق سومرو، تپيدارن تنوير ملاح، ستار ڏنو مڱريو، روينيو کاتي جي ڪلرڪ عبدالغفار ڏيپر، پ پ ڪائونسلر رحمت الله سولنگي، خانگي ماڻھن اصغر جتوئي، زمان شاھ، پ پ ضلع نوشهروفيروز جو نائب صدر خالد چنه اسٽامپ وينڊر سراج ميمڻ، آفتاب سومرو، سنڌ بئنڪ جو مئنيجر مختيار چانڊيو، عطا محمد سھتو ۽ ذيشان لاڙڪ کي به ڪيس ۾ شامل ڪيو ويو، اڳوڻي ڊي سي جي پي اي عزيز انصاري، ڊي سي آفيس جي اڪائونٽنٽ رستم کوسو جا نالا ڪيس ۾ شامل آھن. جڏھن ته ايف آئي آر ۾ ٻيا جوابدار لفظ ڄاڻايو ويو آهي جنھن جو مقصد جاچ جو دائرو ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدارن کانسواءِ ٻيا نالا به شامل ڪيا ويندا. ڄاڻايل ماڻھن تي ايم سڪس موٽروي جي 15 سئو ايڪڙ زمين جي خريداريءَ ۾ ٽي ارب 40 ڪروڙ جي ڪرپشن جو الزام لڳايو ويو آھي. ذريعن موجب ڪيس ۾ اڃا ٻيا نالا شامل ڪري وڌيڪ گرفتارين جو امڪان ظاھر ڪيو ويو آھي.ٻئي طرف نوشهروفيروز ايم سڪس موٽروي ڪيس ۾ گرفتار جوابدار جوابدارن اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن سکر جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ڪيس جي فريادي سرڪل آفيسر 14 ڏينھن جي رمانڊ جي درخواست ڏني عدالت اينٽي ڪرپشن کي صرف چئن ڏينھن جو جسماني رمانڊ ڏنو جوابدارن مختيار ڪار شفيق سومرو، تپيدار غلام حقاني، عزيز انصاري، رستم کوسو ۽ آفتاب سومرو رمانڊ لاءِ پيش ڪيو ويو
