نوابشاهه(ڊ ر) نوابشاهه جي علائقي تاج ڪالوني جو رهواسي پيرسن مٺو زرداري سي آئي اي پوليس جي اھلڪار ظفر زرداري جي ناانصافين خلاف نواب شاهه پريس ڪلب سامھون پاڻ کي بجلي جي پول ۾ ڦاسي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي جتي ھو بي ھوش ٿي ويو ته ڪيس موجود ماڻھن بچائي ورتو، ان موقعي تي پيرسن مٺو زرداري چيو ته مان ھڪ پيرسن مسڪين ماڻھو آھيان، جڏھن ته منھنجا پٽ مزدوري ڪري پيٽ پاليندا آھن، ھن چيو ته تاج ڪالوني ۾ بدامني چوٽ چڙهيل آهي جنھن جي سرپرستي ظفر زرداري ڪري ٿو جنھن جي شڪايت مون پوليس جي اعليٰ آفيسرن کي ڪئي ته سي آئي اي پوليس اهلڪار ظفر زرداري مونتي ڏمرجي پيو ۽ منھنجي پٽن ۽ مون تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري مونکان ھزارين روپيا رشوت گھري ٿو، ھن چيو ته مان پوليس اھلڪار ظفر زرداري جي ناانصافين خلاف ڪيترائي ڀيرا احتجاجي مظاهرا ڪيا ليڪن منھنجي ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ناھي ۽ مان مجبورن ھي قدم کنيو آھي، ھن مطالبو ڪيو ته پوليس اھلڪار ظفر زرداري خلاف ڪارروائي ڪري مونتي ۽ منھنجي پٽن تي ڪوڙا ڪيس ختم ڪري مونسان انصاف ڪيو وڃي.
