ٽنڊوآدم ( ن س ) ٽنڊوآدم ۾ گورنمنٽ شاھ عبدالطيف هاءِ اسڪول جي ھيڊ ماستر محمد رمضان ملاح جي اڳواڻي ۾ استادن ۽ شاگردن پاران حڪومت طرفان سرڪاري اسڪولن ۾ مفت داخلا لاءِ تعليمي جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي جيڪا مختلف رستن تان ٿيندي پريس ڪلب آڏو پھتي ريلي ۾ استادن سان گڏ شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ان موقعي تي ھيڊ ماستر محمد رمضان ملاح . ٽي اي او سيڪنڊري (ميل ) علي اڪبر برھماڻي . عقيل احمد ماڪوڙاڻي . سيد قاسم شاھ . محمد جمن کوسو . محمد خان ڪٻر . منظور مگسي . انور علي بھڻ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته حڪومت ملڪ جي تعمير ۽ ترقي لاءِ تعليم مفت ڪئي آهي جنهن لاءِ اسڪول ۾ داخلا ۽ ڪتاب بلڪل مفت فراهم ڪيا ويندا ھنن چيو ته جيڪي ٻار ڪن مجبورين جي ڪري اسڪول ڇڏي ويا آھن انھن کي گھرجي ته ھو پنھنجي تعليم کي جاري رکڻ لاء ٻيھر داخلا وٺن والدين کي گھرجي ته پنھنجين نياڻين کي وڌ کان وڌ تعليم ڏيارين ۽ انھن کي اعلي’ تعليم ڏيارين سرڪاري اسڪولن تي ڀروسو ڪريو ٻارن کي سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرايو ھينئر اسان وٽ بھترين استاد ميرٽ تي ڀرتي ٿي آيا آھن داخلا فيس ناھي . ڪتاب مفت آھن . ڊريس جي پابندي ناھي نياڻين لاء وظيفو پڻ مقرر ٿيل آھي ٻار سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ٿين جيئن انھن جي زندگي بھتر ٿي سگھي هنن چيو ته ڪابه قوم يا ملڪ تيستائين ترقي ڪري نه ٿو سگهي جيستائين اهي تعليم يافته نه هوندا ان لاءِ ضروري آهي ته پنهنجي ٻارڙن کي تعليم جهڙي زيور سان سينگاريو جنهن سان نه صرف اسان جو ايندڙ نسل پر ملڪ پڻ ترقي ڪندو حڪومت جي ان پاليسي مان وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪندي پنهنجا ٻار سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرايو .
