ٽنڊو غلام علي ۾ ملهه پهلوانن جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو

ٽنڊوغلام علي(ن س) پنجاب جي ضلعي رحيم يار خان مان 20 ڏينهن اڳ ڌاڙيلن ھٿان اغوا ٿي ويل ملھ پهلوانن جي بازيابي لاءِ  ملھ ايسوسيئيشن جي مرڪزي سرپرست اعليٰ محبوب خان سريوال جي اڳواڻي ۾ ملھ پهلوانن جو گلاب لغاري ۾ احتجاج مظاھرين پاران سخت نعريبازي ڪندي پنجاب حڪومت ۽ پوليس انتظاميا کان ملھ پهلوانن کي جلد بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو انهيَ موقعي تي سرپرست اعليٰ ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته 20 ڏينهن اڳ مريد شاخ ويجهو ميلي تان واپس ايندي ٻن ملھ پهلوانن راحيل پٺاڻ ۽ ھاشم پٺاڻ کي ڌاڙيلن پاران اغوا ڪيو ويو ھو ھنن چيو ته پنجاب انتظاميا سندن بازيابي لاء اڃان تائين ڪو به قدم ناھي کنيو ۽ ڌاڙيلن پاران سندن وارثن کان 30 لک روپيا ڀنگ طلب ڪري رھيا آهن ھنن چيو ته ميلن ملاکڙن ۾ ملھ وڙھي گذارو ڪندڙ مسڪين پهلوان 30 لک روپيا ڪٿا آڻين ھنن وفاق توڙي پنجاب حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته اسان جي ملھ پهلوانن کي جلد کان جلد بازياب ڪرائي سندن زندگيون بچائي ملھ پهلوانن مان بي چيني ختم ڪئي وڃي نه ته ٻي صورت ۾ تنظيم پاران وڌيڪ احتجاج ڪيا ويندا,

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں