پڊعيدن(ن س) پڊعيدن پوليس ۽ منشيات فروشن جو هڪ ٻئي کي ٺاهوڪو ڪٽڪو، پڊعيدن پوليس جو اي ايس آءِ محمد خان جتوئي پوليس ساڻ ڪري ذوالفقار راجپوت جي ڀاءُ مختيار راجپوت جي دوڪان تي ڇاپو هنيو جتي پوليس ۽ منشيات فروشن ۾ جهيڙو ٿي پيو. واضح رهي ته ايس ايڇ او پڊعيدن موڪل تي هجڻ ڪري سندس ايس ايڇ او واري چارج اي ايس آءِ محمد خان جتوئي کي آهي جنهن ٻڌايو ته پڊعيدن پوليس z21جو مين ڊيلر ذوالفقار راجپوت جو ڀاءُ مختيار راجپوت جي سبزي جي دوڪان تي z21سئو کپائي رهيو هئو اسان کي اطلاع مليو اسان ڇاپو هنيو جتان اسان کي پنج پاڪيٽ z21سئو جا مليا جنهن کان پوءِ اسان مختيار راجپوت کي گرفتار ڪري کنيو پئي آياسين ته گرفتار ٿيل مختيار راجپوت جي ڀائرن ذيشان راجپوت ۽ ٻين حملو ڪري اسان کي ۽ ڌڪ هڻي ماڻھو اسان کان ڇڏائي ويا، باقي پڊعيدن ٿاڻي تي ڊيوٽي اٽڪاءُ ۽ z21سئو جو 7جوابدارن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جنهن مان چار جوابدار ذوالفقار، ذيشان، مختيار، عرفان راجپوت سڃاتا آھن باقي 3نامعلوم آھن جڏهن ته آخري اطلاعن تائين ڪا به گرفتاري نه ٿي سگهي .
