ڄامشورو(ڊ ر) شيل پمپ جي ڀرسان ڳوٺ الهرکيو کوسو ۾ رات دير سان پوليس جي مگسي برادري جي گهر تي چڙهائي، گهر ڀاتين تي تشدد، 3 ڀائر اصغر مگسي، نوريز مگسي ۽ اسد مگسي گرفتار ڪري گم ڇڏيو پوليس پاران وارثن کان 5 لک رشوت گهر عورتن جو احتجاج، ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب پيرسن عورت جنت خاتون پهچي سخت احتجاج ڪندي الزام هڻندي دانهيو آهي ته گذريل رات 8 بجي پوليس جي اٽالن گهر تي چڙهائي ڪري گهر ڀاتين عورتن مردن تي سخت تشدد جو بڻايو ويو منهنجي ٽن پٽن اصغر مگسي، اسد ۽ نوريز مگسي کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، پوليس گهر مان ڦرلٽ لٺ ڪندي سونا زيور ۽ روڪ رقم سميت ٻيو قيمتي سامان پڻ کڻي وئي آهي، عورتن وڌيڪ چيو ته پوليس لوهه جي چوري جي ڪوڙي الزام ۾ اسان جي مردن کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته اسان جا مرد مزدوري ڪري گهر هلائيندا آهن پوليس بنا جواز مردن کي گرفتار ڪري وئي ڄامشورو پوليس اهلڪار ستار قمبراڻي 5 لک رشوت طلب ڪري رهيو آھي چوي ٿو ته پيسا ڏيو ته اوهان جي مردن کي آزاد ڪيون ٿا نت ٻئي صورت ۾ پٽن کي نقصان پهچائڻ ڪيس داخل ڪرڻ ۽ ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي مارڻ جون ڌمڪيون پيون ڏنيون وڃن اسان غريب مسڪين آھيون پيسا ڪون آھن پٽ مزدوري ڪندا آھن بيگناه آھن ڊي آئي جي حيدرآباد ايس ايس پي ڄامشورو معامري جي جاچ ڪرائن ۽ اسان سان انصاف ڪن.
