راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته ڊگهي امن ۽ استحڪام تائين دهشتگردي خلاف جنگ جاري رهندي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير خيبر ضلعي ۾ تيراه ماٿري جو دورو ڪيو، هن پاڪ افغان سرحد تي مقرر فوجي جوانن سان ڏينهن گذاريو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته آرمي چيف فوجي جوانن جي آپريشنل تيارين ۽ بلند حوصلي کي ساراهيو. آفيسرن ۽ جوانن سان پنهنجي خطاب ۾ آرمي چيف چيو ته قبيلائي عوام ۽ سيڪيورٽي فورسز جي وڏين قربانين سبب رياست جي عملداري قائم ٿي آهي. هن چيو ته قوم جي سهڪار سان ڊگهي امن ۽ استحڪام تائين دهشتگردي خلاف جنگ جاري رهندي، وطن جي بچاءَ کي هر قيمت تي يقيني بڻايو ويندو، امن خراب ڪندڙن لاءِ ڪا جاءِ نه هوندي. هوڏانهن آرمي چيف جنرل عاصم منير ڪور هيڊڪوارٽرز پشاور جو به دورو ڪيو، جتي کيس آپريشنل، ٽريننگ ۽ فارميشن جي ٻين معاملن تي بريفنگ ڏني وئي.
