حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ وڇوٽيون ختم ڪرڻ جي ڪوشش، اسحاق ڊار جي صدر سان ٽين ملاقات

اسلام آباد (بيورو) حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ برف پگهرائڻ جي ڪوشش جاري آهي ۽ ان سلسلي ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار صدر عارف علوي سان ڪجهه ڏينهن دوران ٽيون ڀيرو ملاقات ڪئي آهي. سينيٽر اسحاق ڊار ۽ صدر وچ ۾ ٿيل ملاقات ۾ صوبائي اسيمبليون ٽوڙڻ، استعيفيٰ ڏيڻ ۽ سياسي ۽ اقتصادي معاملن تي ڳالهيون ٿيون. ان کانسواءِ عام چونڊن ۽ درآمدي بل گهٽائڻ لاءِ پنجاب ۽ ڪي پي سان سهڪار تي پڻ ڳالهه ٻول ٿي. ذريعن موجب ناڻي واري وزير آءِ ايم ايف معاهدي تي عمل ۽ سياسي استحڪام لاءِ به مخالف ڌر کان سهڪار طلب ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سمورن معاملن تي پي ٽي آءِ قيادت سان ڳالهه ٻول ڪرڻ جو واعدو ڪيو، ملاقات ۾ سڄي ملڪ ۾ بازار شام ڇهه وڳي بند ڪرڻ وارو معاملو پڻ غور هيٺ آيو. ٻئي طرف حڪومت طرفان پي ٽي آءِ سان ڳالهين تي راضپي بابت خبرن تي پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان خدشن جو اظهار ڪيو آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته عمران خان ماضي ۾ پي ڊي ايم اڳواڻن کي چور ۽ ڦورو چوندو رهيو، ساڻس ڪنهن به صورت ۾ ڳالهيون نه ٿينديون. وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات دوران پي ڊي ايم سربراهه چيو ته اسيمبليون ٽوڙڻ وارو پهريان پارٽيءَ جي اندروني بحران کي سنڀالي، اسان دٻاءُ ۾ نه اينداسين ۽ نه ئي وقت کان اڳ چونڊون ٿينديون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں