دڙو ۾ دڪان کي باهه،لکين روپين جو سامان سڙي رک

دڙو (ن س) سومرا پيٽرول پمپ سامھون اسپئير پارٽس جي دوڪان کي ويلڊينگ جي چڻنگن مان  باھ وڪوڙي وئي، لکين روپين جو نقصان، فائربرگيڊ گاڏي نہ پھتي. دڙو جي سومرا پيٽرول پمپ سامھون مير محمد سومرو جي اسپير پارٽس واري دوڪان کي ويلڊينگ جي چڻنگن مان اچتو باھ وڪوڙي وئي، جنھن سبب دوڪان ۾ ويٺل مير محمد سومرو ۽ سندس پٽ ھنگامي طور ٻاھر نڪري جان بچائي، جڏھن تہ دوڪان ۾ پيل لکين روپين جو سامان سڙي باھ جو رک بنجي ويو، آخري اطلاعن تائين باھ کي وسائڻ لاء فائربرگيڊ گاڏي نہ پھتي، سوين شھرين ڏٻا، بالٽون کڻي باھ تي ڪنٽرول ڪيو. دوڪان مالڪ ميرمحمد سومرو موجب تقريبن 5 لک روپين جو نقصان ٿيو آھي، ھن سنڌ حڪومت ۽ سجاول جي ضلع انتظاميا کان گھر ڪئي تہ مالي مدد ڪئي وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں