سکر جي عوام لاءِ هن مهيني ئي پيپلز بس سروس جي شروع ڪئي ويندي:شرجيل ميمڻ

سکر (بيورو): اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي سنڌ ٽرانسپورٽ کاتي سکر شهر ۾ پيپلز بس سروس جي ڪامياب آزمائشي سروس جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.  هن چيو ته ڪراچي، لاڙڪاڻي ۽ حيدرآباد کانپوءِ پيپلز بس سروس هاڻي سکر پهچي وئي آهي.  صوبائي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اعلان ڪيو ته انشاءَ الله هلندڙ مهيني ئي سکر جي عوام لاءِ عوامي بس سروس باضابطه طور تي شروع ڪئي ويندي. ھن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن موجب  عوام کي جديد، آرامده ۽ سستي سفري سهولتون فراهم ڪرڻ جي مشن تي تيزيءَ سان گامزن آهيون.  صوبائي وزير چيو ته پيپلز بس سروس عوام جي خدمت ۾ سڀ کان اڳيان آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں