خيرپور (ڊ ر) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ آثار قديمہ شعبي پاران سنڌ حڪومت جي ڪلچر ٽوئرزم اينٽيڪيوٽيز اينڊ آرڪائيوز جي گڏيل سھڪار سان موھن جي دڙي جي صدي عيسويءَ بابت آگاهي وارو پروگرام منعقد ڪيو ويو جنهن جي صدارت يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو ڪئي ۽ خاص مھمان ڪمشنر سکر ڊويزن غلام مصطفيٰ ڦل ھو. ان موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابو پوٽو صدارتي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي قديم تھذيب جو ھڪ آثار موھن جو دڙو به آهي جنهن مان خبر پئي ٿئي ته سنڌ جي تھذيب ۽ ثقافت شاھوڪار آهي ھن چيو ته زندہ ۽ باشعور قومون پنھنجي قديم آثارن جي بحالي ۽ حفاظت لاءِ ڪم ڪنديون آهن، اسان کي پنهنجا قديم ورثا بچائڻ لاءِ عملي طور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ھن چيو ته يونيورسٽي جي آثار قديمہ شعبي پاران قديم آثارن ۽ دڙن جي تحقيق واري عمل کي تيز ڪيو ويندو ان سلسلي ۾ ملڪي توڙي غير ملڪي ادارن گڏيل تحقيق ۾ دلچسپي ڏيکاري آهي ان موقعي تي ڪمشنر سکر ڊويزن غلام مصطفيٰ ڦل چيو ته سنڌ موھن جي دڙي سميت قديم آثارن سان مالامال ڌرتي آهي انھن تي تحقيق ۽ کوٽائي جي ضرورت آھي ھن چيو ته باشعور قومون پنهنجي قديم تھذيبن ۽ ثقافت کي نه وسارينديون آهن اسان کي پنهنجي ڪلچر ريتن رسمن کي زنده رکڻو آهي ھن اظھار ڪيو ته يونيورسٽي ۾ ھن قسم جون تقريبون منعقد ڪرڻ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسان جي نوجوانن ۽ قوم جو مستقبل روشن آهي ان موقعي تي ڊين فيڪلٽي آف فزيڪل سائنسز پروفيسر ڊاڪٽر قاصد حسين ملاح چيو ته سنڌ ڌرتيءَ جي سڃاڻپ قديم آثار ۽ رسمون آهن اسان کي پنهنجا قديم ورثا بچائڻ گھرجن ھن چيو ته آڳاٽي زماني۾ درياءَ رستي ڪاروبار ٿيندو ھو ان تي به تحقيق ٿيڻ گهرجي ھن اظھار ڪيو ته يونيورسٽي جي آثار قديمہ شعبي پاران گذريل دور کان ھن وقت تائين قديم آثارن تي تحقيق وارو عمل جاري آهي پروگرام ۾ آثار قديمہ جي ماھر ۽ سنڌ ميوزيم جي اڳوڻي ڊائريڪٽر عبدالحق ڀنڀرو چيو ته آثار قديمہ وسيع شعبو آهي، قومي ورثن جي تحفظ ۽ تحقيق لاءِ عملي ڪم جي ضرورت آھي ھن چيو ته موھن جي دڙي جي ايراضي۽ آبادي تمام وڏي ھئي پروفيسر شاھ محمد لھراڻي چيو ته اڄ جي جديد دور جي علم سان گڏ شاگردن کي موھن جي دڙي سميت قديم آثارن بابت ڄاڻ فراھم ڪئي وڃي پروگرام۾ ماھر آثار قديمہ پروفيسر ڊاڪٽر غلام محي الدين ويسر سرمد چانڊيو ۽ ٻين خطاب ڪيو ان کان اڳ آثار قديمہ شعبي جي چيئرپرسن پروفيسر ڊاڪٽر تسليم عالم ابڙو شرڪت ڪندڙ مھمانن ڀليڪار پيش ڪئي ھن چيو ته آثار قديمہ شعبي تحقيق ۽ تعليم۾ مثبت نتيجا ڏنا آهن جڏهن ته وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابو پوٽو جي قيادت۾ ھن قسم جا پروگرام ۽ سرگرمين کي جاري رکيو ويندو ان موقعي تي استادن شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
