عمران خان پنجاب ڪابينا ۾ واڌ بابت اڻڄاڻ، خيال ڪاسترو وزير بڻجي ويو

لاهور ( م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پنجاب ڪابينا ۾ واڌ واري معاملي کان اڻڄاڻ نڪتو ۽ سندس پارٽي جو خيال ڪاسترو وزير بڻجي ويو. پنجاب حڪومت ڪابينا ۾ واڌ ڪري ڇڏي ۽ پي ٽي آءِ جي خيال احمد ڪاسترو صوبائي وزير طور حلف کڻي ورتو آهي. صوبائي وزير خيال ڪاسترو جي حلف برداري تقريب گورنر هائوس لاهور ۾ ٿي جنهن ۾پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي پڻ شرڪت ڪئي. گورنر پنجاب محمد بليغ الرحمان خيال احمد ڪاسترو کان صوبائي وزير جو حلف ورتو، ان موقعي تي چيف سيڪريٽري محمد عبدالله سنبل، صوبائي وزير بشارت احمد راجا، مختلف کاتن جي سيڪريٽريز ۽ صوبائي اسيمبلي جا ميمبر پڻ موجود هئا. عمران خان خيال ڪاسترو جي وزير بڻجڻ کان اڻڄاڻي جو اظهار ڪندي چيو ته مون کي ڄاڻ ناهي ته اوهان کي وزير بڻايو پيو وڃي، مان ته سمجهيو ته ڪنهن کاتي جي سربراهي ملي رهي آهي، خير ڪائي ڳالهه ناهي پر اوهان جي وزير بڻجڻ سان اسان جي بيانيي کي نقصان رسيو آهي. واضح رهي ته عمران خان پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبليون هلندڙ مهيني ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں