عمرڪوٽ(ڊ ر ) عمرڪوٽ جي گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج ۾ سنڌ ڪلچرل ڊي جي موقعي تي فوڊ فيسٽيول منعقد ڪيو ويو جنھن ۾ تعليمي شعبن سان لاڳاپيل پروفيسرن، استادن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ سنڌ جي ثقافت بابت به مقررين طرفان پنھنجا ويچار ونڊيا ويا تقريب کي خطاب ڪندي ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز ميرپورخاص پروفيسر مير چند اوڏ چيو ته سنڌ جي ثقافت سنڌ جي قديم ثقافتن ۾ شمار ٿئي ٿي ھن شاگردياڻين کي پنھنجي تعليم کي وڌ کان وڌ ڪرڻ بابت پڻ آگاھ ڪيو سنڌ ڪلچرل فوڊ فيسٽيول کي گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج جي پرنسپال سيده قرت العين شاهه چيو ته سنڌ جي ثقافت ۾ اجرڪ، سنڌي ٽوپي سان قومن جو لباس، کاڌو، انداز ۽ محبت جو اظهار انهن جي ثقافتي حوالي سان معتبر بڻائي ٿو تعليم جي واڌاري لاء اسان سڀني کي پنھنجي حصي جو ڪم ڪرڻو پوندو جڏھن ته فيسٽيول ۾ شاگردن پاران هر قسم جا شاندار سنڌي کاڌا متعارف ڪرايا ۽ وڏي انگ ۾ سنڌ فوڊ فيسٽيول لڳايا، جنهن ۾ آيل مهمانن خاص دلچسپي ورتي
