خيرپور ناٿن شاهه(پ ر) عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي سڏ تي ٻوڏ متاثرن جي واھر نه ٿيڻ خلاف ڪي اين شاهه کان لاڙڪاڻي تائين رٿيل پنڌ مارچ اڄ ميھڙ پھتو. عوامي ورڪرز پارٽي جي وفاقي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ بخشل ٿلهو، سنڌ جي صدر ضياء ڀٽي، ليبر سيڪريٽري ڪامريڊ سينگار نوناري ۽ ڪامريڊ لطيف لغاري جي اڳواڻي ۾ نڪتل مارچ ۾ ناري جمھوري محاذ، پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن، پورھيت مزاحمت، عوامي جمھوري پارٽي، طبقاتي جدوجھد سميت ٻين سياسي سماجي ۽ صحافتي ڌرين جي ماڻھن شرڪت ڪئي. سندن ھٿن ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ ماحولياتي تباھي بابت پلي ڪارڊ ھئا، جن سرمائيداراڻي نظام، وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت سميت چونڊيل نمائندن خلاف نعريبازي ڪندي ٻوڏ متاثرن جي ترت بحالي جو مطالبو ڪيو. مارچ ۾ شرڪت ڪندڙ ناري جمھوري محاذ اڳواڻ ڪامريڊ فوزيه نوناري ٻوڏ متاثرن جي اهنجن بابت درد ڀريو گيت ٻڌائي ماڻھن کي اپيل ڪئي ته مارچ ۾ وڌ ۾ وڌ شرڪت ڪن. مارچ کي خطاب ڪندي ڪامريڊ بخشل ٿلھو چيو ته چئن مھينن گذرڻ باوجود به ٻوڏ متاثرن جي بحالي ناھي ٿي سگھي، جيڪڏھن سندن بحالي نٿي ته پوء پوري سنڌ جو عوام سنڌ اسيمبلي جو گھيراء ڪندو . سموري سنڌ جا ماڻھو ٻوڏ جي تباهڪارين سبب دربدر آھن، جن ۾ 80 سيڪڙو بي زمين ھارين کي بحالي پروگرام ۾ شامل ئي ناھي ڪيو ويو. ماحولياتي تبديليءَ سميت ٻوڏ جا ٻيا سبب وفاقي ۽ سنڌ حڪومت جي نااهلي بہ آھن جن ھٿ وٺي سنڌ کي ٻوڙيو. ڪامريڊ بخشل چيو ته ڏھ سالن اندر آبپاشي کاتي ساڍا 5 سئو ارب رپيا ڪٿي خرچ ڪيا؟ بچاء بندن تي ته ذرو به ڪم ناھي ٿيو جنھن سبب ئي سموري سنڌ ٻڏي. ھن چيو ته ھي ئي وقت آھي ته پنھنجي ماروئڙن سان گڏ بيھي سندن ڀرجھلا ٿيون، 4 مھينن کان ھو دربدر آھن، ھنن جي سگھ بڻجي نااھل حڪمرانن جي نڪ ۾ ناڪيلي وجھي ھر دربدر ٻوڏ متاثر جي ھر ننڍي وڏي نقصان جو پورائو ڪرايون. اي ڊبليو پي سنڌ جي صدر ڪامريڊ ضياءُ ڀٽي چيو ته سنڌ بحالي مارچ نااھل حڪمرانن لاءِ چتاءُ آھي جن ھينئر تائين ٻوڏ متاثرن جي بحالي ناھي ڪئي، حڪمران ۽ عسڪري ادارا ٻاھران مليل امداد پاڻ ۾ ونڊي ورھائي کائي ويا پر ٻوڏ متاثرن کي نالي ماتر راشن ڏئي ڪاغذن ۾ ڏيکاريو ويو آھي ته ٻوڏ متاثرن جي سار لڌي وئي آھي. ھن چيو ته اڄ ڏينھن تائين ھزارين ماڻھو لاچاري واري صورتحال ۾ روڊن تي ويٺا آھن سندن سار ناھي لڌي وئي. تنھنڪري فوري طور سندن بحالي ڪئي وڃي. عوامي جمھوري پارٽي جي مرڪزي صدر لال شاھ چيو ته ھي ٻوڏ قدرتي آفت نه پر ھٿ سان آندي وئي. خيرپور ناٿن شاهه واسين کي ڄاڻ آھي ته شھر ڪيئن ھٿ سان ٻوڙيو ويو، ٽي بچاء بندن (ايف پي، سپريو ۽ ايم اين وي) جو مرمتي ڪم نه ڪيو ويو ۽ پاڻي کي ھٿ سان ڇڏيو ويو. حڪمرانن جي نااهلي ۽ امداد جي لالچ سبب سنڌ جا ڪروڙين ماڻھو دربدر ڪيا ويا. ناري جمھوري محاذ سنڌ جي اڳواڻ ڪامريڊ عابده چنا چيو ته ھي پيادل مارچ ٻوڙن حڪمرانن تائين مظلوم ٻوڏ متاثرن جي دانھن پھچائڻ آھي. سموري سنڌ ۾ ٻوڏ جي تباهڪارين سبب سمورا ڊھي پٽ ٿي ويا، ٻوڏ متاثرن وٽ کائڻ لاءِ اٽو ۽ پھرڻ لاءِ ڪپڙو به ناھي، ۽ ھو مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آھن پر نااھل حڪومت ڪن لاٽار ڪري ويٺل آھي. سينئر صحافي مختيار چانڊيو چيو ته تازي ٻوڏ مڪمل طور ھٿرادو ھئي، حڪمرانن جي نااهلي ۽ لالچ سبب سنڌ کي ٻوڙيو ويو. حڪومت امداد کائي ھڙپ ڪري وئي ل، ٻوڏ متاثر بي يارو مددگار روڊن تي ويٺل آھن. ھن چيو ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ھي پيادل مارچ ڪرڻ تي عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جس لهڻي. طبقاتي جدوجھد اڳواڻ عيسي چانڊيو چيو ته رياستي نااھلي سبب اسان کي بار بار ٻوڙيو پيو وڃي. ھي ٻوڏ قدرتي آفت گھٽ پر حڪومت جي نااھلي سبب آئي، جنھن ڪري لکين ماڻھو دربدر آھن ۽ ھو بي يارو مددگار ويٺل آھن. پورھيت مزاحمت تحريڪ اڳواڻ ماجد ٻگھيو چيو ته ٻيو ڀيرو ڪي اين شاھ کي ٻوڙيو ويو، ۽ نتيجي ۾ ماڻھن کي بي يارو مددگار ڇڏيو ويو. رياست اھو ٻڌائي پنھنجي نااھلي لڪائڻ چاھي ٿي ته ھي ٻوڏ ماحولياتي تبديليءَ سبب آئي. سنڌ اندر نيڪاسي جو نظام ناس ٿيل آ، عوام کي ڪجھ به ناھي ڏنو ويو. بنيادي مسئلو رياستي ڍانچي جو آھي. مارچ ڪولاچي پھچڻ تي عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي ليبر سيڪريٽري ڪامريڊ سينگار نوناري چيو ته ٻوڏ متاثرن جي ھر قسم جي بحالي لاءِ اسان ڪي اين شاھ کان لاڙڪاڻي ڏانھن پنڌ پيل آھيون، ٻوڏ متاثرن سميت سنڌ جي سموري عوام کي اپيل ٿا ڪريون ته اچو اسان گڏ پنڌ ڪري حڪمرانن کي مزاحمتي جواب ڏيون ۽ ٻوڏ متاثرن جي بحالي ممڪن بڻايون.
