ماربل سٽي ڪراچي 300 ايڪڙ زمين تي تعمير ڪيو ويندو: قاسم نويد قمر 

ڪراچي (بيورو) سنڌ جي وڏي وزير سيڙپڪاري ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ بابت خاص معاون سيد قاسم نويد قمر ڪالهه ڪراچي ماربل سٽي جي حوالي سان مقامي هوٽل ۾ منعقد ڪيل روڊ شو سان خطاب ڪندي چيو ته ماربل سٽي ڪراچي 300 ايڪڙ زمين  تي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت تعمير ڪيو ويندو ۽ ان منصوبي تي لڳ ڀڳ 50 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري متوقع آهي. ان موقعي تي بريفنگ ڏيندي سنڌ اڪنامڪ زون مينجميٽ ڪمپني (SEZMC) جي چيس ايگزيڪيوٽو آفيسر عبدالعليم عقيلي چيو ته ماربل سٽي ڪراچي (MCK) کي 300 ايڪڙ تي انڊسٽريل اسٽيٽ جي طور تي تيار ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ ۾ ويليو ايڊڊ ماربل ۽ گرينائٽ سيڪٽر ۽ ان سان منسلڪ صنعتن کي ترقي ڏئي سگهجي. هي منصوبو پي پي پي فريم ورڪ جي ذريعي ڊيزائن، تعمير، فنانس، آپريٽم مينٽين ۽ ٽرانسفر پروجيڪٽ آهي. هن ٻڌايو ته هي منصوبو جديد ترين انفراسٽرڪچر، يوٽيليٽيز جي دروازي  ۽ ڪراچي بندرگاهن تائين آسان رسائي پيش ڪندو ۽ هي منصوبو ناردرن باءِ پاس تي واقع آهي جيڪو ڪراچي کي ملڪ جي ٻين حصن سان ملائيندو آهي. هي منصوبو سنڌ ۾ ويليو ايڊڊ ماربل سيڪٽر ۽ ان سان منسلڪ صنعتن کي ترقي ڏيندو. 

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں