مهراڻ يونيورسٽي ۾ ٽن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب

ڄامشورو( پ ر) مهراڻ يونيورسٽي جي اليڪٽرانڪس انجنيئرنگ شعبي جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي ڪرايل ٽن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب مهراڻ يونيورسٽي جي واٽر سينٽر ۾ ٿي گذري. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي چيو ته تازو ئي مون کي ڊينمارڪ ۾ 6-جي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ جو موقعو مليو، اسان جي ملڪ ۾ اڃان 4 جي به مڪمل نٿي هلي پر دنيا 6-جي تي ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته هي چوٿين صنعتي انقلاب جو دور آهي، جنهن ۾ هر شعبي ۾ اليڪٽرانڪس انجنيئرنگ جو استعمال ٿئي ٿو. ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي چيو ته يورپ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، ڪمپيوٽر ۽ سافٽ ويئر انجنيئرن لاءِ روزگار جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن. هن چيو ته هن ڪانفرنس مان مهراڻ يونيورسٽي جي شاگردن کي سکڻ ۽ هڪٻئي جا خيال ٻڌڻ ۽ هڪٻئي سان خيال ونڊڻ جا بهترين موقعا ملندا. هن چيو ته اليڪٽرانڪس انجنيئرنگ شعبي پهرين ڪانفرنس ڪرائي آهي, اها به عالمي ڪانفرنس آهي، شعبي جي چيئرپرسن، استادن ۽ شاگردن کي ڪانفرنس ۾ پڙهئي ويندڙ تحقيقي مقالن کي سهيڙي يونيورسٽي جي ويب سائيٽ ۽ تحقيقي جرنل جو حصو بنائڻ گهرجي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي مهراڻ يونيورسٽي جي ڊين فئڪلٽي ڊاڪٽر مختيار علي انڙ چيو ته هي ڪانفرنس نوجوان انجنئيرن لاءِ تمام گهڻي ڪارائتي ثابت ٿيندي، نوجوانن کي اليڪٽرانڪس، ڪمپيوٽر، ڪميونيڪيشن ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي جديد رجحانن بابت ڄاڻ ملندي، انهن کي بدلجندڙ دنيا جي باري ۾ ڏيهي ۽ پرڏيهي اسڪالرن کي ٻڌڻ جو موقعو ملندو. هن چيو ته اليڪٽرانڪس انجنيئرنگ جو دنيا ۾ استعمال ۽ ڪارج وڌي پيو موبائل انجنيئرنگ کان وٺي ورچوئل انجنئيرنگ تائين هر شعبي ۾ اڄڪلهه اليڪٽرانڪس جو استعمال آهي. ڊاڪٽر مختيار انڙ چيو ته ڪلڪيوليٽر، ريڊيو ۽ ٽيليفون اليڪٽرانڪس ۽ ٽيليڪميونڪيشن جون پهريون ايجادون آهن. هن چيو ته 1960 ۾ ڊجيٽل انقلاب آيو جنهن دوران آرٽيفشل انٽيلجنس(مصنوعي ذهانت) جون ڳالهيون ٿيڻ شروع ٿيون. ان موقعي تي ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي مهراڻ يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر ڀواني شنڪر چوڌري چيو ته هن ڪانفرنس لاءِ آءِ اي اي اي)IEEE  جو سهڪار حاصل آهي دنيا جي ڪل تحقيق جو 40 سيڪڙو آءِ اي اي اي  جي پليٽ فارم تان شايع ٿئي ٿو. هن چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ آءِ اي اي اي  جا پروگرام ٿين ٿا مهراڻ يونيورسٽي جي آءِ اي اي اي   برانچ وڌيڪ متحرڪ آهي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي اليڪٽرانڪس شعبي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر نگهت ارباب چيو ته ڪانفرنس لاءِ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ تحقيقي مقالا آيا هئا پر انهن مان صرف 49 پيش ڪرڻ لاءِ منظور ڪيا ويا آهن، هن ٻڌايو ته پرڏيهي اسڪالر ڪانفرنس ۾ آن لائن خطاب ڪندا. ڪانفرنس جي سيڪريٽري ڊاڪٽر اعظم رفيق ميمڻ چيو ته ڪانفرنس ۾ ڪوريا ۽ چائنا جا اليڪٽرانڪس ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جا مڃيل پروفيسر پنهنجا تحقيقي مقالا پيش ڪندا. هن چيو ته ڪانفرنس لاءِ 18 ملڪن جي محققن پنهنجا مقالا جمع ڪرايا هئا جن مان چائنا ۽ ڪوريا جا قبول ڪيا ويا آهن. ڪانفرنس جي اففتاحي تقريب ۾ مهراڻ يونيورسٽي جي اڳوڻن وائيس چانسلرن پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرحمان ميمڻ، پروفيسر ڊاڪٽر عبدالقدير خان راجپوت، پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي ۽ مهراڻ يونيورسٽي جي استادن، اسڪالرن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں