مير نادر ابڙو موٽر وي ميگا ڪرپشن جي جاچ ٽيم جو چيئرمن مقرر

نوابشاھه (ھه آ) سنڌ حڪومت پاران هڪ تڪڙي حڪم تحت نالي واري اديب، ڪالم نويس، سماج سڌارڪ ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن شهيد بينظيرآباد ڊويزن مير نادر علي ابڙو کي سکر حيدرآباد موٽروي ايم 6 پروجيڪٽ ۾ ميگا ڪرپشن ۾ ملوث اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز ۽ ٻين آفيسرن خلاف درج ايف آءِ آر جي جاچ لاءِ ڪمبائينڊ انويسٽيگيشن ٽيم (سي آئي ٽي) جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن سکر سيف الله هاليپوٽو، سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن نوشهروفيروز محمد زمان اعواڻ ۽ سب انسپيڪٽر شهريار شاھه کي ٽيم جو ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي ياد رهي ته ميرنادرعلي ابڙو سنڌ جي نالي واري اديب، دانشور، جج، سياستدان، سماج سڌارڪ، تعليم دان ۽ بيباڪ صحافي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو فرزند آهي ۽ سنڌ صوبي جي اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ سٺي ساک رکندڙ پوليس آفيسر طور سڃاتو وڃي ٿو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں