نئين نسل کي انوکي تاريخ ڏيڻ جي جستجو ڪندڙ: جاويد علي سومرو

قاسم خاصخيلي
تاريخ سان شوق هرڪو انسان ناهي رکندو ۽ تاريخ سان دلچسپي رکندڙ انسان سدائين جستجو ۽ نواڻ جي ڳولا ۾ رهندو آھي ائين ئي تاريخ گڏ ڪرڻ جا انمول نمونا ٿي سگهن ٿا ۽ وري ڪو ماڻھو اگر ڪا منفرد ۽ دنيا کان هٽي ڪري ڪا الڳ تاريخ جوڙي ته اها هڪ ڇرڪائيندڙ ڳالھ تصور ڪئي ويندي آھي اڄ جنهن شخصيت بابت اوهان آڏو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم اهو من جو اھڙو اجرو ۽ پيارو احساساتي انسان آھي جنھن سان نه رڳو پنھنجي بھترين طبيعت جي ڪري سڪرنڊ جا ماڻھو پيار ڪن ٿا پر هي ڪردار سوشل ميڊيا وسيلي اسان جي سڪرنڊ ۽ آسپاس جي رهندڙ انسانن لاء ھڪ منفرد ۽ انوکي تاريخ پڻ جوڙي رهيو آھي جيڪا تاريخ ايندڙ نسلن لاء وڏي لاڀائتي ثابت ٿي سگھي ٿي، اوهان جڏهن به فيس بوڪ تي ويھي سندس وال کوليندا ته ويجھي ماضي ۾ هن دنيا مان موڪلائي ويل ڪافي ماڻھو ۽ شخصيتون اسان کي ياد اچي وينديون، هونئن به ڪنهن جو ڪو به ڪم ان وقت نظر ناهي ايندو ۽ نه ئي ان جي اهميت جو اندازو ٿيندو آھي پر جڏهن اسان وقت جي دز ۾ لٽجي ويل ان گھڙين کي ياد جي ساگر منجھ سوچيندا آھيون تڏهن احساس ٿيندو آھي پوءِ ان ڪم جو قدر ۽ قيمت معلوم ٿيندي آھي، هونئن ته سڪرنڊ سميت سڄي سنڌ ۾ سوشل ميڊيا تي هر ڪو پنهنجي سوچ، ذھن ۽ ضمير مطابق لکي رهيو آھي، ان لاءِ هر ڪو انسان آزاد به آھي پر سڪرنڊ ۾ ھڪ اهڙو ڪردار به آھي جيڪو پنھنجي ماڻھن کي ايندڙ نسل جي لاء ويندڙ نسل جي تاريخ جوڙي ڏيڻ ۾ پنھنجو حصو ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آھي، جيڪو تاريخ جو هڪ وڏو ڪم آھي، اهو ڪم ڪندڙ ڪردار آھي سڪرنڊ جو هڪ حساس طبيعت جو مالڪ، احساساتي ۽ اجري من جو ماڻھو جاويد علي سومرو جيڪو نه رڳو اڪثر سڪرنڊ واسين کي پنھنجو جنم ڏينھن ياد ته ڪرائيندو رهندو آھي پر هن فاني دنيا مان اسان جو جيڪو پيارو هميشه لاء موڪلائي هي دنيا ڇڏي ويندو آھي، ان جو به اطلاع اڪثر ڪري سڪرنڊ واسين کي جاويد علي سومرو جي پوسٽ وسيلي ئي ملندو آھي، جيئن مٿي ذڪر ڪيو اٿم ته جاويد علي سومرو هڪ تاريخ جوڙي رهيو آھي ان جو اندازو اسان کي تڏهن ٿيندو جڏهن صرف پنج سال پوئتي سندس وال کي کولبو ته خبر پوندي، پوءِ وڇڙيل ۽ وسري ويل ڪافي ماڻھو ياد اچي ويندا، نه رڳو اهي ياد ايندا پر انھن جي وفات جي تاريخ ۽ ڏينھن به ملي ٿو وڃي، جيڪو هن تيز رفتار دؤر ۾ اڪثر ڪري مائٽن کي به ياد ناهي رهندو، جاويد علي سومرو جي ان پوسٽ کي پڙھڻ سان اسان کي ڪافي ڪجھ معلومات ملي ٿي وڃي، جاويد علي سومرو نه رڳو اهو ڪم ڪري رهيو آھي پر هو هڪ سماجي ڪردار پڻ آھي جيڪو پنھنجي اجري ڪردار هر ڪنھن سان پيار ۽ هٿ جوڙ واري واٽ سبب دوستن ۾ به ڏاڍو مقبول ۽ پيارو آھي، جاويد علي سومرو سماجي حوالي سان پنھنجي حيثيت آھر مسڪينن جي ڪم اچڻ وارو ۽ خاموش خدمت ڪندڙ ڪردار پڻ آھي جيڪو بنا ڏيکاء جي گھڻو ڪجھ ڪم ڪري رهيو آھي، جنھن کي ڏسندي شھرين خاص طور علائقي واسين لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي هڪ بھتر فيصلو ڪري کيس مڪاني چونڊن ۾ بيھڻ لاءِ ٽڪيٽ ڏني، جيڪو تازو ٿيل بلدياتي اليڪشن ۾ حسين آباد ڪالوني مان وڏي اڪثريت سان ڪائونسلر پڻ چونڊيو ويو آھي، هو هن وقت سڪرنڊ شھر سميت پنھنجي علائقي جي ترقي ۽ مستقبل لاء هر وقت فڪر مند نظر اچي ٿو، توڙي جو پاڻ هڪ مسڪين مزدور ماڻھو آھي پر سندس سوچ ۽ فڪر ۾ مون کيس سدائين جاکوڙ ڏٺي آھي، جاويد علي سڪرنڊ جو اهو احساساتي ۽ جاکوڙي ڪردار آھي جيڪو هر ڪنھن جي ڏک سک ۾ شامل نظر ايندو آھي، هتي هڪ ڳالھ ڏاڍي شدت سان ياد پئي اچي ته سندس دوست کيس هجت ۽ مذاق ۾ چوندا آھن ته جاويد سڪرنڊ جو واحد ماڻھو آھي(جيڪو هر ڪنھن جو مرڻو به کائي ته پرڻو به کائي ٿو) سو هي واقعي سڪرنڊ شھر جو اجري من وارو اهڙو موتي آھي جنهن ڪڏهن به ڪنهن سان ڦٽايو ناهي، هر ڪنهن کي پيار ڏيڻ، هر ڪنھن سان مرڪي ملڻ هن جي رت ۾ شامل آھي، پاڻ ڪيترين ئي تڪليفن ۾ رهي ٿو پر سندس مک تي ڪڏهن به پريشانين جو پاڇو نظر ناهي ايندو، جاويد علي سومرو اهو محبتون ونڊيندڙ انسان آھي جو هو پاڻ هر وقت ڪنھن نه ڪنھن دوست سان هلي وڃي ملندو رهي ٿو، ان کي وٺي وري ڪنھن ٻئي دوست سان به ملائي ڪچھريون ڪرڻ ۽ پيار ورهائڻ وارو صاف گو سچي دل وارو احساساتي انسان آھي، جاويد علي سومرو کي مون جيئن ڏٺو آھي ۽ محسوس ڪيو آھي ائين شايد ڪنھن نه سوچيو هجي پر واقعي به هو سڪرنڊ جي دوستن جي جان آھي هي اهو ڪردار آھي جنھن تي لطيف سائين جون هي سٽون بلڪل پوريون لھن ٿيون ته:
وَڳر ڪيو وَتَن، پِرتِ نه ڇِنن پاڻَ ۾،
پسو پَکيئڙن، ماڻهنئان ميٺ گهڻو !
سو جاويد علي سومرو به هڪ اهڙو پرت ڳنڍڻ وارو سيبتو ڪردار آھي جنھن هر وقت رڳو ڳنڍڻ سکيو آھي بنا ڪنھن فرق جي دوستن سان ملڻ، کل ڀوڳ ڪرڻ، سنجيده قسم جا مثبت بحث مباحثا ڪري ڪافي ڄاڻ ڏيندڙ ۽ تاريخ سان دلچسپي رکندڙ محترم ڀاء جاويد علي سومرو لاء منھنجون نيڪ خواهشون ۽ دعائون آھن جيڪي سندس لاء سدائين قائم رهنديون، شال الله پاڪ هن کي وڏي حياتي ۽ صحت مندي سان گڏ اڃان به بلند حوصلا عطا فرمائي ته جيئن جاويد علي سومرو سڪرنڊ واسين جي خدمت ڪندو رهي ۽ پنھنجي محبتن واري دنيا کي وسيع ڪندو رهي، سندس محبتن ونڊڻ واري سوچ کي ڏسي سڪرنڊ جا ٻيا به سوشل ميڊيا تي اجايون پوسٽون رکي هڪ ٻئي جا پٽڪا ڌوڙ ڪري پاڻ کي معتبر سمجھڻ واري روش رکندڙ ۽ هڪ ٻئي جي ڄنڊاپٽ ڪندڙ دوست به ڪاش جاويد علي سومرو کي فالو ڪن ته جيئن اسان جي ايندڙ ٽھي ۽ موجوده نوجوان نسل کي به ان مان ڪو بھتر لاڀ حاصل ٿي سگھي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں