مڪو شريف ( م ڊ ) وزيراعظم شهباز شريف جي پٽ سليمان شهباز برطانيا ۾ جلاوطني ختم ڪري وطن واپسي لاءِ روانو ٿي ويو آهي. سليمان شهباز، گهرواري ۽ ٻارن سان گڏ عمري لاءِ سعودي عرب پهچي ويو جنهن بعد هو ڇنڇر تي پاڪستان پهچندو. مديني شريف مان جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ سليمان شهباز جو چوڻ هو ته نئين سياسي نظام لاءِ جعلي ڪيس ٺاهي مون کي ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو هو،ڪير به جلاوطن ٿيڻ ناهي چاهيندو، انصاف ملڻ جي به اميد نه هئي، مون تي ٺاهيل ڪيس ڪوڙا ڪيس سياسي مخالفت جي بدترين مثال هئا. هن چيو ته نيب ۽ ايسسٽس ريڪوري يونٽ وارا ڪيس بي بنياد هئا، اڳوڻي نيب چيئرمين جاويد اقبال کي بليڪ ميل ڪري اسان جي خلاف ڪيس ٺاهيا ويا هو ڪيس نه ٺاهي ها ته کيس گهر ڀيڙو ڪيو وڃي ها، اسان پنهنجن دشمنن سان به اهڙي بدسلوڪي ڪرڻ پسند ناهيون ڪندا. سندس چوڻ هو ته اسان جي خلاف پاڪستان ۽ برطانيا ۾ ڪيس ٺاهڻ لاءِ ملڪي وسيلن جي بي رحمي سان ڀيل ڪئي وئي.
