وفاقي وزير شازيه مري جي نااهلي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل

اسلام آباد (م ڊ ) جعلي ڊگري واري الزام ۾ وفاقي وزير شازيه مري جي نااهلي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي. درخواست موجب شازيه مري 2018ع وارن نامزدگي ڪاغذن ۾ غلط بياني ڪئي ۽ ڪوڙو حلفي بيان جمع ڪرايو، شازيه مري جي نامزدگي ڪاغذن تي مختلف اميدوارن طرفان اعتراض واريا ويا هئا. ڪشن چند پارواني طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن ٽربيونل ثبوتن جو درست جائزو وٺڻ ۾ ناڪام رهيو ۽ انڪري ٽربيونل وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. درخواست ۾ گذارش ڪئي وئي آهي ته غلط بياني ڪندڙ وزير شازيه مري کي آرٽيڪل ون 62 ايف تحت نااهل قرار ڏئي کيس قومي اسيمبلي جي سيٽ تان هٽايو وڃي ۽ مٿس مستقبل ۾ چونڊ وڙهڻ تي پابندي مڙهي وڃي. درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شازيه مري آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 تي پور نٿي لهي ۽ ايم اين اي جي سيٽ جي اهل نه آهي، اليڪشن ٽربيونل جو 12 نومبر 2022 وارو فيصلو قانون جي خلاف آهي. درخواست ۾ چيوويو آهي ته شازيه مري جي لينڊلارڊ فيملي سان واسطو رکي ٿي هن نه ڪڏهن لياري مان تعليم  پرائي  ن ئي اتي سندس  رهائش هئي .

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں