ڪوٽڙي (رپورٽ: وقار ھيسباڻي) ڪوٽڙي ضلع اليڪشن ڪمشنر ڄامشورو پاران نوجوان نسل خاص ڪري شاگردن کي ووٽ جي رجسٽريشن ۽ اهميت بابت آگاهي فراهم ڪرڻ لاءِ قومي ڏهاڙي 7 ڊسمبر جي سلسلي ۾ هڪ سيمينار اڄ گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج علي بابا ڪوٽڙي ۾ منعقد ڪيو ويو. ان موقعي تي سيمينار کي خطاب ڪندي ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر ڄامشورو عبدالقادر راجپوت چيو ته قوم جي خوشحالي، مستقبل ۽ جمهوري عمل جي بقا لاءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جو ساٿ ڏين ۽ پنهنجي ووٽ جي رجسٽريشن کي يقيني بڻائين ڇاڪاڻ ته ووٽ صرف هڪ ضرورت نه پر هر شهري جو اولين فرض پڻ آهي هنن وڌيڪ چيو ته ووٽ هڪ قومي امانت آهي جنهن کي سوچي سمجهي استعمال ڪرڻ گهرجي اڳواڻڻ وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جو عزم آهي ته چونڊ عمل جي حوالي سان شهرين جي رهنمائي ۽ حوصلي افزائي ڪئي وڃي ته جئين هو پنهنجو ووٽ ڏئي چونڊ عمل جو حصو بڻجي سگهن هنن عوام کي اپيل ڪئي ته ووٽ جي رجسٽريشن اوهان جي قومي ذميواري آهي انهي لاءِ ضلع اليڪشن ڪمشنر آفيس ۾ اچي ڪري پنهنجو ووٽ داخل ڪرائين ته جئين ايندڙ اليڪشن دوران پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري جمهوري عمل ذريعي ملڪي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن. ان موقعي تي عبدالقادر راجپوت چيو ته ضلعي ڄامشوري اندر 11 اسسٽنٽ رجسٽريشن آفيسرن جي دفترن ۾ فارم ڪليڪشن سينٽر پڻ قائم ڪيا ويا آهن جتي ووٽر آساني سان پنھنجو ووٽ داخل ٽرانسفر ۽ فوت شدا ووٽرز جو نالو اخراج ڪرائي سگھن ٿا ان موقعي تي گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج علي بابا جي پرنسپال فصل ڪريم سيمينار کي خطاب ڪندي چيو هي سيمينار ووٽ جي اهميت بابت رکيو ويو آهي ته اسان سڀني جو فرض آهي رڳو شاگردن تي يا عام ماڻهو تي نه آهي سڀ پنهنجي گهر کان شروعات ڪن ته ڪنهن جا ووٽ داخل آهن يا نه يا قومي شناختي ڪارڊ ٺهيل آهي يا نه خاص ڪري ٻهراڙين جون عورتون قومي شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ ۾ سستي ڪن ٿيون انھن کي سجاڳ ٿيو پوندو ۽ هي قومي فرض آهي هن ۾ پنهنجي پاڪستان جي ترقي ۽خوشحالي لاءِ قدم کڻڻ لاءِ پنهنجو قومي شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ ضروري آهي مقررين پاران ووٽ جي رجسٽريشن ۽ اهميت بابت پڻ تقريرون ڪيون ويون سيمينار ۾ ڪاليج جي استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
