9 ڊسمبر اينٽي ڪرپشن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان
مير نادر علي ابڙو
اڄ پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ اينٽي ڪرپشن جو عالمي ڏينهن وڏي پئماني تي ملهايو پيو وڃي. انهي حوالي سان مختلف پروگرام ٿي رهيا آهن جن ۾ ڪرپشن جي حوالي سان عوام ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ جي حوالي سان ويچار ونڊيا ويندا ۽ ماڻهن کي اهو ٻڌايو ويندو ته اصل ۾ اينٽي ڪرپشن کاتو آهي ڇا هن جو ڪم ڪهڙو آهي ۽ توهان انهي مان ڪهڙي نموني فائدو حاصل ڪري سگهو ٿا حقيقت ۾ اينٽي ڪرپشن کاتو آهي ئي بي پهچ ماڻهن لاءِ پر مسئلو اهو آهي ته اهي ماڻهو اڄ ڏينهن تائين هن کاتي مان بهتر طور نتائج ناهن وٺي سگهيا هن جو وڏو ڪارڻ اهو آهي ته هتان جو غريب ۽ اٻوجهه ماڻهو هن کاتي تائين پهچي ئي نٿو ۽ هُن کي اها خبر ناهي ته هو ڪهڙي طرح هن کاتي مان فائدو کڻي سگهي ٿو مون اينٽي ڪرپشن جو نالو سن 1977ع ۾ ٻڌو هو جڏهن منهنجو والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن سکر ڊويزن هو ۽ پاڻ اڪثر ڪچهري ۾ دوستن کي اهو چوندو هو ته جيڪر انگريز سرڪار هي اينٽي ڪرپشن کاتو نه ٺاهي ها ته سنڌ جا ڪامورا کاتا ئي هڙپ ڪري وڃن ها مون کي ته اينٽي ڪرپشن جو جج ٿيڻ تي خبر پئي آهي ته آفيسر لکن جا لک مال غنيمت سمجهي اهڙي نموني هضم ڪيو وڃن ته ڄڻ ڪا سندن ابن ڏاڏن جي ميراث هجي بابا سائين پنهنجو وارو وڄائي ويو انهي وقت مان ٻار هئس ۽ سندن جي ڪيل ڳالهه چڱي طرح سمجهي نه سگهيس پر خدا جي قدرت جو 1993ع ڌاري لاڙڪاڻي مان ايل ايل بي ڪرڻ بعد مون وڪالت شروع ڪئي ته 1994ع ڌاري ايل ايل بي جي بنياد تي اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ ڀرتين لاءِ اشتهار آيو مون پنهنجي استاد ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي چوڻ تي درخواست موڪلي ڏني پوءِ سڀني مرحلن مان نڪرندي ميرٽ تي پاس ٿيس ٽريننگ وغيره ڪري 1998ع ۾ بحيثيت سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن شهدادڪوٽ ۾ منهنجي مقرري ٿي شهدادڪوٽ شهر منهنجو اباڻو ڳوٺ به هو تنهن لاءِ غريب مسڪين ماڻهن جي مون وٽ تمام گهڻي اهميت هوندي هئي تڏهن مونکي بابا سائين ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جا چيل مٿيان لفظ ياد پيا ۽ انهن جملن کي سمجهڻ لڳس منهنجي خيال ۾ سنڌ حڪومت جو هي واحد کاتو آهي جنهن ۾ جيڪڏهن اينٽي ڪرپشن سرڪل آفيسر نيڪ نيتي سان ڪم ڪري ته غريب مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن جو دعائون کيس الائي ڪٿي پهچائي ڇڏين مان جڏهن اينٽي ڪرپشن سنڌ جي تاريخ جو ننڍي ۾ ننڍو سرڪل آفيسر هئس محنت شوق ايمانداري سان ڪم کي چمبڙي ويس ڪافي غريبن جا ڪم ته رڳو فون تي ئي چوڻ سان ٿيو وڃن ڪنهن کي خط ته ڪنهن کي ڪارڊ ڪنهن سان گڏجي آفيسرن ڏي وڃي کين انصاف وٺرائي ڏين اهو سڀ ڪم مون پنهنجي دور ۾ ڪيو ۽ ڪري رهيو آهيان شهداد ڪوٽ کان پوءِ منهنجي بدلي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سرڪل آفيسر اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ۽ هاڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر نواب شاهه شهيد بينظير آباد ڊويزن آهيان لکڻ جو مقصد فقط ۽ فقط هي آهي ته اسان جي سنڌ جو عوام ڏاڍو اٻوجهه ۽ تعليم گهٽ رکندڙ آهي انهي کي اها ئي خبر ناهي ته جيڪڏهن سندن سان ڪو آفيسر ظلم ۽ زيادتي ڪري ته ڪيڏانهن وڃن؟ پوءِ اهي اٻوجهه يا ته وڃي وڏيرن، ڀوتارن، سردارن پيرن ۽ ميرن جا پير وڃي وٺندا آهن يا وري ڪنهن وڪيل معرفت وڃي ڪنهن آفيس يا ڪورٽ وغيره تائين پهچڻ جي ڪوشش وغيره ڪندا آهن ۽ پوءِ اهي مسڪين پيرين اگهاڙا سالن تائين پيا پريشان ٿيندا آهن پر جيڪڏهن اهي بجاءِ ڀوتارن ۽ وڏيرن جي اوطاقن تي وڃڻ لاءِ اسان وٽ پهچن ۽ فقط هڪ سادي پني (ڪاغذ) تي ڪنهن سرڪاري آفيسر يا ملازم جي طرفان سندن سان ٿيل زيادتي جي حوالي سان لکي ڏين ته انهن جو ڪم هوند بغير ڪنهن منٿ ايلاز جي ٿي پوي انهي لاءِ فقط هڪ درخواست تي اسان انڪوائري ڪري ڪي پڪا پختا ثبوت هٿ ڪري هڪدم ايف آئي آر ڪٽڻ جي لاءِ لکندا آهيون ايف آئي آر ڪٽڻ جي اجازت پهرين گريڊ کان 8 گريڊ تائين ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر 9 گريڊ کان 16 گريڊ تائين ڊويزن ڪمشنر ۽ 17 گريڊ کان مٿين لاءِ جناب چيف سيڪريٽري سنڌ اجازت ڏيندو آهي ايف آئي آر ڪٽڻ کان پوءِ جانچ شروع ٿي ويندي آهي ۽ اهڙي طرح هڪ دفعو وري ٻيهر پڪا پختا ثبوت هٿ ڪري پوءِ ئي ڪيس کي چالان ڪيو ويندو آهي انهي سڄي ڪم ۾ وقت ضرور لڳندو آهي پر فريادي (عرضدار) جو ڪم (ڪيس) مضبوط کان مضبوط ٿيندو ويندو آهي. اڪثر عوام ۾ اهو تاثر هوندو آهي ته اينٽي ڪرپشن وارن کي اسان درخواست ڏني آهي ڪافي وقت ٿي ويو پر اڃان ڪجهه به ڪونه ڪيو اٿن اها بلڪل حقيقت آهي پر انهي دير ٿيڻ ۾ فريادي جو ڪيس به تمام گهڻو مضبوط ٺاهيو ويندو آهي اسان وٽ عام پوليس وانگر لٺ واري ڳالهه ئي ڪونهه اسان وٽ آهي قلم جي ۽ حق واري ڳالهه.. مسڪين جڏهن سڀ دروازا آزمائي نا اميد ٿيندا آهن ته پوءِ ئي اسان وٽ اچي پهچندا آهن مون وٽ الائي ڪيتريون عورتون مرد روئيندا پٽندا آفيس اچي پهچندا آهن ۽ انصاف ملڻ تي کلندا ۽ خوش ٿيندا واپس ويندا آهن هونئن به اسان وٽ گهڻو آزار پوليس ۽ روينيو جو رهيو آهي ٻهراڙي ۾ غريبن کي پوليس لٽي ڦري ڍڳا ڍور وڪڻائي کين فقير ڪري ڇڏي مگر اٻوجهه ماڻهو خوف کان اف به ڪونه چوندا انهي ڊپ کان ته متان فيل مست پوليس وري به ٽارچر نه ڪري مان هتي واضع ڪندو هلان ته اسان وٽ پوليس جي خلاف ڪافي ڪيس داخل ٿيل آهن پر انهي ۾ عرضدارن کي ته پوليس آفيسر منٿون ميڙون به ڪيون آهن ۽ ڪن موقعن تي ته پوليس آفيسر پاڪ ڪتاب به کڻي عرضدارن ڏانهن ويا آهن ته مهرباني ڪري اسان سان صلح ڪيو نه ته اسان مٿان ڪيس داخل ٿيو ۽ چالان ٿيو ته اسان جون ترقيون ڪونه ٿينديون مونکي منهنجي ويجهي مائيٽ ڪامريڊ ڄام ساقي جا لفظ ياد ايندا آهن ته نادر اينٽي ڪرپشن به عدليا جي ڀيڻ اٿئي جيئن ته مان خود به وڪيل رهيو آهيان عرضدار کي ڪورٽ ۾ وڃڻ لاءِ به وڪيل گهرجي غريب ماڻهن کي پيٽ پالڻ لاءِ اٽو به نه هجي ته پوءِ اهو مسڪين وڪيل صاحب جي فيس ڪٿان آڻيندو پر اُن جي بر عڪس اگر جي هو اسان وٽ رڳو هڪ روپئي واري اڇي پني تي درخواست لکي ڏي ۽ پوءِ ڏسي ته سندن سان انصاف ٿئي ٿو يا نه. انهي جو ثبوت آهي ته اينٽي ڪرپشن کاتي گذريل ڪافي سالن کان چيف منسٽرن، صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن کان ويندي ڪمشنرن ۽ وڏن آفيسرن کي چالان ڪري چڪي آهي ڳالهه آهي فقط اسان جي سنڌ جي ٻوجهه عوام کي سمجهائڻ جي ته اينٽي ڪرپشن ڇا آهي؟ هي غريب عوام انگريزي لفظ اينٽي ڪرپشن کي سمجهن ئي ڪونه ٿا. اگر کين چڱي طرح سمجهائجي ته سنڌ ۾ اينٽي ڪرپشن کاتي کان مٿي ڪو اهڙو ادارو آهي ئي ڪونه، جيڪو بغير وڪيل جي في ۽ بغير سردارن، ڀوتارن، جاگيردارن ۽ وڏيرن جي پيرين پوڻ جي ڪم ٿيو وڃي. ٻين لفظن ۾ هيئن کڻي چئجي ته هي کاتو آهي ئي غريب، مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن جو، اگر اهي هن کاتي جو دروازو کڙڪائين ته.
