جنرل عاصم منير کي پراڻي آرمي چيف جي پاليسين تي نه هلڻ گهرجي: عمران خان جي صلاح

لاهور (بيورو) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ٻن خاندانن ادارن کي ڪمزور ڪيو، سليمان شهباز جي واپسي اين آر او ٽو جو حصو آهي. زمان پارڪ ۾ يوٽيوبرز سان ملاقات دوران ڳالهائيندي عمران خان چيو ته جنرل فيض کي آرمي چيف بڻائڻ بابت ڪڏهن نه سوچيو هو، ان خلاف پروپئگنڊا ڪئي وئي، مان ڪڏهن جنرل باجوا کي باس نه چيو، مان ته وزيراعظم هيس، ادارن کي مارشل لا جي عادت پئجي وئي هئي. هن چيو ته نيب اسٽيبلشمينٽ جي ماتحت هئي، رڳو ڪمزورن ۾ هٿ وجهندي رهي، حڪومت ۾ آياسين ته هر قسم جي مافيا موجود هئي پر ايڪشن نه وٺي سگهياسين، ٻن خاندانن ادارن کي ڪمزور ڪيو، سليمان شهباز جي واپسي اين آر او ٽو جو حصو آهي. سندس چوڻ هو ته سڀ کان وڏو اثاثو سمنڊ پار پاڪستاني آهن، جيڪڏهن اهي انويسٽ ڪن ته پاڪستان کي ڪنهن ٻئي ملڪ جي ضرورت ناهي، پرويز الاهي مون تي مڪمل اعتماد ڪيو آهي، مان جيئن چاهيندس ڪندو. عمران خان وڌيڪ چيو ته مذهبي انتهاپسندي کي روڪڻ جو هڪ ئي طريقو آهي ته ماڻهن کي دين جي وڌ کان وڌ ڄاڻ ڏني وڃي، مون تي حملي جو اڍائي مهينا اڳ پلان ٺاهيو ويو. ارشد شريف جي معاملي تي ڳالهائيندي تحريڪ انصاف چيئرمين چيو ته ارشد شريف جي ماءُ جن جا نالا ورتا مان به اهي ئي نالا کنيا، ايف آءِ آر ارشد شريف جي ماءُ جي خواهش تي ٿيڻ گهرجي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته نئين آرمي چيف کي پراڻي آرمي چيف جي پاليسين تي نه هلڻ گهرجي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں