حيدرآباد ۾ سوڀو گيانچنداڻي جي اٺين ورسي تقريب،زبردست ڀيٽا پيش

حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) برصغير جي عظيم ڪميونسٽ اڳواڻ ۽ دانشور ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي اٺين ورسي جي موقعي تي کيس ڀيٽا ڏيڻ جي لاءِ سنڌ هاري ڪميٽي طرفان حيدرآباد پريس ڪلب سامهون سندس تصوير تي گلن جي ورکا ڪري ميڻ بتيون ٻاري ڀيٽا ڏني وئي. ان موقعي تي سنڌ هاري ڪميٽي جي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي، جنرل سيڪريٽري احمد نواز انقلابي، مرڪزي اڳواڻ آزاد عالم لاشاري، پروفيسر وجود علي شر، جونيئر ڪامريڊ مظهر ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته سوڀو گيانچنداڻي نه رڳو پاڪستان اندر پورهيت طبقي جي سياست ڪئي، پر هن قومي ۽ طبقاتي جدوجهد ڪندي زندگي جي آخري ڏينهن تائين عملي ۽ فڪري طرح پاڻ ملهايو، هن سڄي زندگي آدرشي سياست ڪئي ۽ هو سنڌ سان جڙيل رهيو. هنن چيو ته هڪ طرف سنڌ اندر استحصالي قوتون آهن، جبر ۽ ڏاڍ آهي، جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي سياست آهي ته ٻئي طرف پورهيت طبقو آهي، جنهن جي منظم ۽ متحرڪ ٿيڻ کانسواءِ قومي ۽ طبقاتي جبر جو خاتمو ٿي نٿو سگهي. اڳواڻن چيو ته سنڌ هاري ڪميٽي سنڌ جي هن تباهه ٿيل سماج ۾ ٻيهر هارين کي منظم ڪندي ۽ طبقاتي ۽ قومي جدوجهد جي ذريعي ئي ٻيهر سنڌ کي مضبوط سياسي ڌارا ۾ جوڙڻ جي ڪوشش ڪندي. هنن چيو ته ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي هڪ فڪر ۽ تحريڪ جو نالو هو ۽ ان جي پڄاڻي ڪڏهن ناهي ٿيڻي، سندس فڪر اڄ به هارين، مزدورن ۽ شاگردن جي لاءِ مشعل راهه آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں