دادو(رپورٽ: علي گوھر سومرو) دادو ۾ پوليس اهلڪار پاران ليڊي ٽيچر کي جنسي حراسان ڪرڻ واري خبر ميڊيا تي نشر ٿيڻ بعد ايس ايس پي دادو نوٽيس ورتو، پوليس اهلڪار دلبر لنجار ريپڊ ريسپارنس فورس ۾ مقرر ٿيل هو، ضلعي ۾ ايمرجنسي لاءِ سنڌ پوليس پاران اهو فورس قائم ڪيل آهي، ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو الزام هيٺ آيل پوليس اهلڪار دلبر لنجار کي معطل ڪري ڪواٽر گهاٽ ڪري ڇڏيو آھي، ايس ايس پي دادو رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو تہ معاملي جي محڪماتي جاچ ڪاميٽي جوڙي وئي آهي اهلڪار ڏوهي ثابت ٿيو ته سندس خلاف محڪماتي ڪاروائي ڪئي ويندي، ليڊي ٽيچرس کي تحفظ پڻ فراهم ڪيو ويندو، گذريل ڏينهن ليڊي ٽيچر نيلي مريم ڌي بدرالدين ميمڻ پوليس اهلڪار خلاف دادو جي اي سيڪشن ٿاڻي تي اين سي رپورٽ داخل ڪرائي هئي. ليڊي ٽيچر دانهيو هو ته پوليس اهلڪار دلبر لنجار دوستي رکڻ لاءِ تنگ ڪري رهيو آهي، اسڪول وڃڻ ۽ واپس اچڻ دوران پوليس اهلڪار دلبر لنجار پيڇو ڪري ٿو، اھڙي شڪايت مون سندس گھر وڃي ڪئي تہ پوليس اهلڪار دوستي نه رکڻ تان موتمار ڌمڪيون پڻ ڏئي رهيو آهي، ليڊي ٽيچر پوليس اهلڪار خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ فراهم ڪرڻ جو پڻ مطالبو ڪيو ھو، ٻئي طرف الزام ھيٺ آيل دادو شھر جي پوليس اھلڪار دلبر لنجار ٻڌايو ته الزام ھڻندڙ ليڊي ٽيچر نيلي مريم ميمڻ منهنجي ڀيڻ آهي مون ڪڏهن به ھن کي حراسان نه ڪيو نه وري فون ڪيو آهي. ھي ليڊي ٽيچر منهنجي گھر اچي منهنجي گھر واري کي چوڻ لڳي ته تنهنجو مڙس مونکي ھروز ڏسندو آهي ۽ گھر ۾ پتر سرون ھڻي ٿاڻي وڃي اين سي داخل ڪرائي اٿس ھن وڌيڪ چيو ته ھن ماسترياڻي اڳ به گھڻن کي مختلف ڪيسن ۾ ڦاسايو آهي جاچ ڪئي وڃي ھن جو مقصد آهي ته آءُ پنهنجو گھر خالي ڪيان، ھن ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته منهنجي فون جو رڪارڊ چيڪ ڪرايو وڃي مون ڪڏهن به ھن کي فون ڪري نه ڌمڪايو آهي، جاچ وومين پوليس انچارچ بينظير جمالي کي ڏني وڃي ۽ مونسان انصاف ڪري ڪوارٽر گھاٽ مان آزاد ڪيو وڃي.
