سکر ۾ ڳوٺاڻن جو بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو

سکر( بيورو رپورٽ) سکر جي ڳوٺ نصيرآباد جي رهائشين جو سکر جي اڳوڻي  ايم پي اي عبد ا لحليم پيرزادي جي پث  جي نا انصافين جي حلاف سکر پريس ڪلب جي اڳيان شيخ برادري ڇنا برادري ۽ ٻين  برادرين جي عورتن مردن ۽ ٻارن  سميت پاڪ ڪتاب کڻي  احتجاجي مظهرو ڪيو  مطاهري جي اڳواڻي  ڊاڪثر ممتاز شيخ نواز ڇنه ۔ ثناء الله ڊريهو  ڪمال الدين ڊريهو بشير شيخ۔ علي مردان شيخ ۔گلزار شيخ ۔ محمد بخش شيخ  ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا  مظاهرين  ميڊيا کي ٻڌايو ته ڪئي سال اڳ اسان اڳوڻي  ايم پي اي مرحوم عبدالحليم پيرزادي کان زمين خريد ڪئي هئي جنهن جي قيمت اسان ادا ڪري ڏني هئي انهن جي منشين جي سامهون پر اڳوڻو ايم پي اي  عبدالحليم پيرزادو فوت ٿي  ويو ۽ زمين ۽ ٺهيل گهرن جي زمين جو کاتو بدلي ٿي نه سگهيو. هنن وڌيڪ ٻڌايو ته ان کان پوء ڪيترن سالن کان اسان ان جي پٽ  کان کاتو گهرندا رهيا سين پر ان اسان کي کاتو نه ڌنو ۽ هاڻي اسان کي گهرن کان بي گهر ڪري رهيو آهي اسان پاڪ ڪتاب  کڻي ۽ نياڻين کي به ڪيترا ڀيرا ان جي گهر ميڙ  کڻي ويا آهيون ته اسان سان انصاف ڪيو هاڻي ڪيترن ڏينهن کان اسان جي گهرن  جي اڳيان زمين جنهن جا پيسه به ڏنل آهن پر هو اسان جي ورتل زمين تي ڏوهاري  ماڻهون  ويهاريا آهن ۽اسان کي موت مار ۽ اغوا جون ڌمڪيو ڏئي رهيان آهن  اسان جي وزير اعليٰ سنڌ مراد علي شاه، چيف جسٽس سنڌ  آء جي سنڌ دي آئي جي سکر ايس ايس پي سکر  ڪمشنر  سکر ڊي سي سکر ۽ ٻين وس وارن کي اپيل آهي ته اسان سان انصاف ڪري انهن ڏوهارين کان تحفظ ڏياري اسان سان انصاف  ڪيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں