شھدادڪوٽ (ڊ ر) ننڍي کنڊ جي عظيم ڏاھي ۽ دانشور ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي اٺين ورسي سنڌ سيڪيولر اسٽيڊي فورم طرفان ليبر ھال شھدادڪوٽ ۾ سادگي سان ملھائي وئي. ان موقعي تي ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي تصوير اڳيان ميڻ بتيون ٻاري ۽ گل رکي کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ورسي تقريب ۾ پورھيت اڳواڻ ڪامريڊ عرس سيلرو، وھاب پندراڻي، رستم جمالي، ديدار سومرو، سليمان چانڊيو، مالڪ پندراڻي، عابد مگسي، مراد پندراڻي ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ٻن صدين جو عظيم انقلابي اڳواڻ طور سڃاتو وڃي ٿو، اھڙا اڳواڻ ورلي پيدا ٿيندا آهن. پورھيت طبقي جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندي زندگي گذاريندڙ ڪامريڊ سوڀي جي جدوجھد کي سلام پيش ڪيون ٿا. ھنن مطالبو ڪيو ته لاڙڪاڻي توڙي شھدادڪوٽ اندر ڪامريڊ سوڀي جي نالي سان يادگار جوڙائي ڪري کيس مڃتا ڏني وڃي.
