عمران خان مفت ۾ مزا پيو ماڻي، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي حڪومتون نه ڇڏيندو: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي (بيورو رپورٽ) اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمران خان کي مفتو لڳل آهي. جڏهن کان انھن جي پنجاب ۾ حڪومت ٺهي آهي، بني گالا ويران ٿي ويو آهي، عمران خان لاھور ۾ لڏو لاھي ويٺو آهي، زمان پارڪ جو کاڌو به وزيراعليٰ هائوس پنجاب مان اچي ٿو، عمران خان آخري دم تائين حڪومت نه ڇڏيندو، هن چيو ته سندس ذاتي راءِ آهي ته عمران خان پنجاب ۽ خيبرپختونخواه جون اسيمبليون نه ٽوريندو. گوگين جي چوڻ تي پنجاب ڪابينا ۾ 15، 15 ڏينهن لاءِ وزير کنيا پيا وڃن ته جيئن هو پنهنجا ٽارگيٽ پورا ڪري سگهن. اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته هڪ طرف اسيمبليون ختم ڪرڻ چاهين ٿا ته ٻئي طرف ڪابينا ۾ توسيع ڪئي پئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صوبائي وزير خوراڪ، ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن مڪيش ڪمار چاولا سان گڏ سنڌ اسيمبلي ميڊيا ڪارنر تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي جو ميمبر گهنور خان اسران پڻ موجود هئا. هن چيو ته عدم اعتماد جي تحريڪ جي دوران عمران خان پنهنجي حڪومت بچائڻ لاءِ سمورا حربا استعمال ڪيا. ايتري تائين جو قومي اسيمبلي جي بجلي بہ بند ڪئي وئي . خان صاحب آخري نون ڪلاڪن ۾ هر حد تائين هليا ويا. غيرآئيني طريقي سان قومي اسيمبلي تائين ٽوڙي ڇڏي. تنھنڪري عمران خان اهڙو ڪو ڪم نه ڪندو، جنهن جي ڪري سندس مفت جا مزا بند ٿي وڃن. صوبائي وزير اطلاعات وڌيڪ چيو ته عمران خان جو قانون جي تحت هر معاملي تي احتساب ٿيڻ گهرجي، ته جيئن هن بهروپي شخص کي ٻيهر عوام کي ڌوڪو ڏيڻ جو موقعو نه ملي سگهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جو اهو مقصد هرگز ناهي ته اسان سنڌ سان ٿيڻ واريون ناانصافيون برداشت ڪنداسين. ان موقعي تي صوبائي وزير خوراڪ مڪيش ڪمار چاولا چيو ته سنڌ حڪومت وٽ 7.5 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جو ذخيرو موجود آهي ۽ مارچ تائين عوام کي سستي اگهه تي اٽي جي فراهمي جاري رهندي. صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت هن سال 14 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي خريداري جو ٽارگيٽ رکيو هو. سنڌ حڪومت 10 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ مقامي آبادگارن کان خريد ڪئي هئي، جڏهن ته 4 لک ميٽرڪ ٽن پاسڪو کان خريد ڪئي ، جنهن مان 2 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي ڊليوري ٿي چڪي آهي، باقي 2 لک ميٽرڪ ٽن 20 ڊسمبر تي اچڻ وارن پرڏيهي جهازن مان ٿي ويندي. هن چيو ته ٻوڏ ۽ برسات متاثر علائقن ۾ ڪڻڪ جي خراب ٿيڻ جو خدشو هو، پر شڪر آهي ته وڏي بچت ٿي آهي ۽ وڌيڪ نقصان ناهي پهتو. خوراڪ کاتي جي ٽيمون مختلف علائقن ۾ گودامن جي چيڪنگ ڪئي آهي. هن چيو ته خراب ڪڻڪ جي اسٽاڪ کي الگ ڪري ڇڏيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں