مٽياري جي يوسين مان جلد برساتي پاڻي نيڪال ڪرائبو:ڊي سي

اڏيرولال(ن س) ڊي سي مٽياري جواد مظفر شاهه، اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري عديل احمد سوهو ۽ آبپاشي عملدار طارق ڪيهر يوسي اوڏيرولال اسٽيشن، يوسي محمد حسين هنڱورو ۽ يوسي عرضي هڪڙا ايٽ نوبت جي برسات ٻڏل علائقن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ڊي سي مٽياري ميڊيا سان سان ڳالهائيندي چيو ته  برساتي پاڻي جي نيڪال جا رستا نه هجڻ ڪري گذريل 5 مهينن کان برساتي پاڻي ٽنهي يونين ڪائونسل ۾ بيٺل آهي. هن چيو ته مونکي هتان جي رهواسين جي تڪليفن جي چڱي ريت ڄاڻ آهي جنهن ڪري اڄ آئون هتي پاڻ هن علائقن جي دوري تي آيو آهيان اسان جي پهرين ترجيح آهي ته زرعي زمينن ۽ ڳوٺن مان برساتي پاڻي جلد نيڪال ٿي سگهي ته جيئن هتان جا ماڻهو سک جو ساهه کڻي سگهن. ان سلسلي ۾ ڊي سي مٽياري ايريگيشن عملي سان گڏجي بوڦار شاخ وٽ پاڻي کي نيڪال ڪرڻ لاءِ پاڻي کي رستو ڏيڻ لاءِ معائنو پڻ ڪيو آهي. ڊي سي مٽياري چيو ته ٽنهي يونين ڪائونسل جو پاڻي بوڦاڙ شاخ ۾ خالي ڪرائي زرعي زمينون  ۽ ڳوٺ خالي ڪرائي سگهجن ٿا. ڊي سي مٽياري ٻڌايو ته هتان جي زميندارن توڙي سياسي سماجي ڌرين سان گڏجي پلان جوڙي رهيا آهيون ته جيئن جلد کان جلد ٽنهي يونين ڪائونسلن مان برسات جو پاڻي نيڪال ٿي سگهي. ڊي سي مٽياري يوسي حسين هنڱورو جي بيسڪ هيلٿ سينٽر جو دورو پڻ ڪيو ۽ اتي موجود ڊاڪٽر کان پڻ معلومات ورتي. ڊي سي مٽياري سان تپيدار ظهير ميمڻ، سرويئر حبيب الله وگهيو، اسٽيٽ آفيسر ڪامران خاصخيلي، وڏيرو محمد يوسف هنڱورو ۽ ٻيا به ساڻس گڏ هئا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں