نوابشاهه ۾ آر او پلانٽ جي آپريٽرن جو پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج

نوابشاهه(ڊ ر) پبلڪ ھيلٿ کاتي ۾ ڪم ڪندڙ آر او پلانٽ جي آپريٽرن پاران گذريل ستن مھينن کان پگھارون نه ملڻ خلاف جاويد جمالي، عبدالحڪيم لاشاري، سلطان جمالي، رمضان ھوت، افضل کوسو، شرف الدين ڏھراج ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نواب شاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد ڌرڻو ھڻندي چيو ته اسان گذريل 10ھن سالن کان پبلڪ ھيلٿ کاتي ۾ آر او پلانٽ جون ڊيوٽيون سرانجام ڏئي رهيا آهيون جڏهن ته اسان جون گذريل 7 مھينن جون پگھارون رھيل آھن جيڪي اسان کي نٿيون ڏنيون وڃن، ھنن چيو ته اسان جي سنڌ حڪومت پاران 25 ھزار مقرر ٿيل آھي جڏھن ته ٺيڪيداري نظام ۾ اسان کي صرف 10ھزار ملن ٿا، ھنن چيو ته اسان ضلعي ۾ ڪم ڪندڙ 65 ملازمن آھيون جيڪي ھن وقت انتھائي ڪسمپرسيءَ واري زندگي گذاري رهيا آهيون ليڪن پبلڪ ھيلٿ کاتي جو انجنيئر اسان جي ھڪ ٻه نٿو ٻڌي، ھنن مطالبو ڪيو ته اسان جون پگھارون جاري ڪري اسان مان بي چيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں