نياڻين جي عزت ۽ احترام ڪرڻ به سنڌ جي ثقافت آهي:زاهده خواجا

تلهار(ن س ) تلهار ۽ ڀرپاسي ۾ ثقافتي تقريبون جاري آهن تلهار جي وارڊ نمبر 03 خواجه محله ۾ سماجي اڳواڻ زاهده خواجه جي گهر ۾ ثقافتي تقريب ٿي گذري جنهن ۾ ڪيترن ئي عورتن شرڪت ڪئي جنهن ۾ حاجاڻي ،فرزانہ ،نگينا سميت ڪيترن ئي عورتن شرڪت ڪئي ان موقعي تي زاهده خواجه صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي سنڌ ۾ نياڻين جي عزت ۽ احترام ڪرڻ به سنڌ جي ثقافت آهي،هن وڌيڪ چيو ته اسان جي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تمام گهڻي پياري ۽ پاڪيزه آهي جيڪا اسان کي پنهنجي جان کان به وڌيڪ پياري آهي هن سرزمين تي اسان ڪنهن جي به ميري اک برداشت ڪونه ڪنداسين اسان سنڌ جون نياڻيون پنهنجي ڌرتي حفاظت ڪرڻ لاءِ تيار آهيون تقريب ۾ ڪيتريون ئي نينگريون سنڌي ثقافتي “گج” پائي شريڪ ٿيون

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں